اسلام آباد – 13 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان ۽ ب??ري?? غزه ۾ خاص طور تي رمضان المبارڪ ۾ فوري جنگبندي ۽ معصوم فلسطينين کي انساني امداد جي فوري فراهمي کي يقيني بڻائڻ تي زور ڏنو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ب??ري?? جي نيشنل گارڊ جي ڪمانڊر شيخ محمد بن عيسيٰ بن سلمان ال??ليفه وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ملاقات ڪئي ۽ ب??ري?? جي بادشاهه شيخ حمد بن عيسيٰ ال??ليفه ۽ سندس شاهي خاندان ب??ري?? جي ولي عهد ۽ وزيراعظم شيخ سلمان بن حمد ال??ليفه پاران نيڪ خواهشن جو پيغام پهچايو. وزيراعظم محمد شهباز شريف جنرل شيخ محمد جي پاڪستان ۾ شاندار آجيان ڪئي ۽ ب??ري?? جي قيادت جا بطور وزيراعظم ٻيهر چونڊجڻ تي مبارڪباد جي پيغامن تي ٿورا مڃيا. هن چيو ته پاڪستان ۽ ب??ري?? جي وچ ۾ پراڻا ڀائراڻا لاڳاپا آهن. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ بهترين ??فاعي تعاون آهي ۽ ان جو دورو انهن لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيندو. واپار جي حوالي سان وزيراعظم چيو ته هڪ ڀيرو جڏهن پاڪستان – جي سي سي آزاد واپاري معاهدو لاڳو ٿي ويندو ته موجوده ٻطرفو واپاري ڪاٿو هڪ ارب ڊالر ساليانو آهي جنهن ۾ ڪيترائي ڀيرا اضافي جي صلاحيت آهي. وزيراعظم ڪنگ حماد نرسنگ اسپتال جو حوالو ڏنو جيڪا اسلام آباد ۾ تعمير هيٺ آهي. هن چيو ته اهو فليگ شپ پراجيڪٽ پاڪستان جي عوام جي لاءِ بادشاهه جو تحفو آهي. 2014ع ۾ سندس دوري کي ياد ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان ويجهي مستقبل ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر ب??ري?? جي بادشاهه جي ميزباني جو منتظر آهي. ان جي جواب ۾ جنرل شيخ محمد وزيراعظم شهباز شريف کي جلد کان جلد ب??ري?? جو دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني. ملاقات دوران غزه جي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ ٻنهي ڌرين ??اص طور تي رمضان المباڪ ۾ فوري جنگبندي ۽ معصوم فلسطينين کي انساني امداد جي فوري فراهمي کي يقيني بڻائڻ تي زور ڏنو.