اسلام آباد-12 مارچ (اي پي پي) ها??وس??گ اينڊ ورڪس واري وفاقي وزير ميان رياض حسين پيرزاده وزارت جو عهدو سنڀالي ورتو. وفاقي وزير جي وزارت آمد تي ها??وس??گ اينڊ ورڪس واري سيڪريٽري ڊاڪٽر شهزاد خان بنگش ۽ و??ارت جي ٻين آفيسرن سندس استقبال ڪيو. وفاقي وزير چارج سنڀالڻ کان پوءِ ها??وس??گ واري سيڪريٽري سان هڪ جامع بريفنگ ورتي ته جيئن وزارت اندر جاري منصوبن، چئلينجز ۽ موقعن جي باري ۾ مڪمل آگاهي حاصل ڪري سگهجي. ان موقعي تي وفاقي وزير معاملن کي خوش اسلوبي سان ان??ام ڏيڻ کي يقيني بنائڻ، شفافيت کي يقيني بنائڻ ۽ جاري منصوبن جي تڪميل کي تيز ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون. وفاقي وزير پاليسين ۽ پروگرامن تي عملدرآمد ۾ احتساب ۽ ڪارڪردگيءَ جي اهميت تي زور ڀريو ته جيئن ان ڳالهه کي يقيني بڻائي سگهجي ته وزارت پنهنجي ميڊيٽ کي مؤثر طريقي سان پورو ڪري. وفاقي وزير سرڪاري م??از??ن ۽ عام ماڻهوءَ جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي حامل اعليٰ معيار جي گهرن، بنيادي ڍانچي ۽ تعميراتي منصوبن جي ترقيءَ کي يقيني بنائ?? لاءِ جديد ۽ پائيدار حل جي ضرورت تي زور ڀريو. وفاقي وزير نااهلي ۽ بدعنواني کي قطعي برداشت نه ڪرڻ جي پاليسيءَ تي زور ڀريندي چيو ته وزارت اندر پيشوراڻي مهارت ۽ ديانتداري جي اعليٰ ترين معيار کي برقرار رک?? لاءِ سخت قدم کنيا ويندا.