اسلام آباد– 09 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اومان جي سلطان حاتم بن طارق کي عيدالفطر جي خوشي جي موقعي تي مبا??ڪب??د ڏني آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم اوما?? ۽ ??اڪستان جي وچ ۾ پراڻي ڀائراڻن لاڳاپن جو ذڪر ڪن??ي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ موجود تعا??ن جي وسيع صلاحيت تي روشني وڌي. وزيراعظم پاڪ – اومان اداراجاتي ۽ اقتصادي رابطن جي فروغ ۽ مضبوطي جي اهميت تي پڻ زور ڏنو. وزيراعظم مسلمان امت جي وچ ۾ اتحاد ۽ ڀائيچاري جي فروغ سان گڏوگڏ اسرائيل پاران معصوم فلسطيني ڀينرن ڀائرن تي جاري ظلم ۽ ڏاڍ جي خاتمي جي دعا ڪئي. سلطان حاتم بن طارق وزيراعظم کي عيد جي مبا??ڪب??د ڏني ۽ پاڪستان جي عوام جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن اقتصادي تعا??ن جي ثمرن مان ڀرپور فائدو کڻڻ ۽ ٻطرفن لاڳاپن جي وڌيڪ مضبوطي جي لاءِ گڏيل تعا??ن جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم اوماني سلطان کي جلد پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني. سلطان حاتم بن طارق پڻ وزيراعظم کي اومان جي دوري جي دعوت ڏني.