اسلام آباد – 10 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم م??مد شهباز شريف سيڙپڪاري بورڊ کي ملڪ ۾ سيڙپڪاري ۽ نئين ڪاروبار جي شروعات لاءِ وڌيڪ آسانيون پيدا ڪرڻ جو هدف ڏنو آهي ۽ چيو آهي ته سمورين لاڳاپيل وزارتن ۽ صوبائي حڪومتن کي اعتماد ۾ وٺي ون ونڊو ??پريشن جي طرز تي هڪ طريقيڪار جوڙيو وڃي، ٻاهرئين سيڙپڪاري جي ??اءِ دوست ملڪن جي ڪاروباري وفدن جي دورن ۽ اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ رڪارڊ تيزي، ٻاهرئين ۽ مقامي ڪاروباري ۽ سيڙپڪار برادري جي حڪومتي پاليسين تي اعتماد جي عڪاسي ڪري ٿو. وزيراعظم آفيس جي ??يڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم م??مد شهباز شريف جي صدارت ۾ ملڪ ۾ سيڙپڪاري ۽ ڪاروباري سرگرمين جي ??اءِ آساني ۽ فروغ جي ??اءِ اعليٰ سطحي جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن ڄام ڪمال خان، م??مد اورنگزيب، عبدالعليم خان، احد خان چيما، راڻا تنوير حسين، اعظم نذير تارڙ، ڊپٽي چيئرمين پلاننگ ڪميشن ڊاڪٽر جهانزيب خان، قومي اسيمبلي ميمبرن پرويز ملڪ، بلال اظهر ڪياني، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. ان کانسواءِ چئني صوبن جي چيف سيڪريٽريز ۽ ناليواري ڪاروباري شخصيتن وڊيو لنڪ جي ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس کي ملڪ ۾سيڙپڪاري جي ??روغ ۽ ڪاروبار ۾ آساني جي ??اءِ ون ونڊو ??پريشن جي طرز تي جديد ۽ عالمي معيار جي ??ظام جي جوڙجڪ جي حوالي سان تجويزون پيش ڪيون ويون. وزيراعظم سيڙپڪاري بورڊ کي سمورين لاڳاپيل وزارتن، ادارن، ڪاروباري برادري ۽ صوبائي حڪومتن کي اعتماد ۾ وٺي جلد هڪ ٺوس نظام کي حتمي شڪل ڏئي پيش ڪرڻ جي ??دايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته پوري دنيا ۾ سيڙپڪاري اتي وڃي ٿي جتي ڪاروبار ۾ گهٽ ۾ گهٽ رڪاوٽون هجن. گذريل حڪومت جي دور ۾ بطور خادم پاڪستا?? ملڪ ۾ سيڙپڪاري ۽ ڪاروبار جي ??روغ جي ??اءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کنيا. خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل پاليسين جي تسلسل ۽ ملڪ جي ??عاشي بحالي جي ??دف کي حاصل ڪرڻ ۾ بهترين معاون جو ڪردار ادا ڪيو. پاڪستان ۾ ڪاروباري سرگرمين ۽ ٻاهرئين سيڙپڪاري جو فروغ اسان جي ??يم جي ??حنت جو واضح ثبوت آهي، جنهن تي سمورا لاڳاپيل وزير ۽ آفيسر ساراهه جي ??ابل آهن. هن چيو ته ٻاهرئين سيڙپڪاري جي ??اءِ دوست ملڪن جي ڪاروباري وفدن جي دورن ۽ اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ رڪارڊ تيزي، ٻاهرئين ۽ مقامي ڪاروباري ۽ سيڙپڪار برادري جي حڪومتي پاليسين تي اعتماد جي عڪاسي ڪري ٿو. سيڙپڪاري بورڊ سمورين لاڳاپيل وزارتن ۽ صوبائي حڪومتن کي اعتماد ۾ وٺي ون ونڊو ??پريشن جي طرز تي هڪ طريقيڪار جوڙي. اهڙو طريقيڪار تجويز ڪيو وڃي جو سيڙپڪارن ۽ نئون ڪاروبار شروع ڪندڙن کي گهٽ ۾ گهٽ رڪاوٽن کي منهن ڏيڻو پوي. ان حوالي سان عالمي شهرت يافته ماهرن جون خدمتون پڻ ورتيون وڃن. طريقيڪار جوڙڻ وقت ڪاروباري برادري جي ??مائندن ۽ صوبائي حڪومت کي به اعتماد ۾ ورتو وڃي.