اسلام آباد – 29 – جولائي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو آهي ته پاڪستان دولت م??تر??ه سان رابطي، تعليم، نوجوانن ۽ عورتن کي بااختيار بڻائڻ ۽ ڪلائميٽ ريزيلينس جي ايجنڊا کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پرعزم آهي. نائب وزيراعظم اهڙن خيالن جو اظهار هن دولت م??تر??ه جي سيڪريٽري جنرل پيٽريشيا اسڪاٽ ل??نڊ سان ملاقات کانپوءِ گڏيل پ??يس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته پاڪستان 21 هين صديءَ جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ دولت م??تر??ه کي مضبوط ۽ جديد بڻائڻ جي قدمن جي حمايت جي لاءِ پرعزم رهڻ سان گڏوگڏ ميمبر ملڪن جي وچ ۾ فعال ڪردار ادا ڪندو رهندو. هن سيڪريٽري جنرل جي تنظيم جي قدرن ۽ مشن کي فروغ ڏيڻ ۽ موقف کي جديد بڻائڻ ۾ ان جي ڪردار کي ??ار??هيو. نائب وزيراعظم ٻوڏ کانپوءِ پاڪستان جي مدد ڪرڻ کانسواءِ تعليم، نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ، صلاحيت سازي ۽ ڪلائميٽ ريزيلينس ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ ۾ ان جي ڪردار کي ??ار??هيو. هن دولت م??تر??ه جي ڪردار تي زور ڏيندي چيو ته هو ميمبر ملڪن جي وچ ۾ پراڻي تڪرارن کي حل ڪري ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرآمد جي لاءِ دٻاءُ وجهي. نائب وزيراعظم چيو ته علائقائي رابطن جي ايجنڊا بابت پاڪستان جو ويزن دولت م??تر??ه سان هڪ جهڙائي رکي ٿو. هن تعليم، هنر، نوجوانن ۽ عورتن کي بااختيار بڻائڻ، صحت ۽ ماحوليات جي تحفظ ۾ هدفن کي حاصل ڪرڻ ۾ تعاون جي وسيع موقعن جو پڻ ذڪر ڪيو. نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار دولت م??تر??ه جي سيڪريٽري جنرل کي ٻڌايو ته وزيراعظم شهباز شريف آڪٽوبر ۾ ”اپياساموآ“ ۾ ٿيندڙ دولت م??تر??ه جي حڪومتي سربراهن جي اجلاس ۾ شرڪت جا منتظر آهن. هن چيو ته سيپٽمبر ۾ دولت م??تر??ه جي پرڏيهي وزيرن جي اجلاس جي موقعي تي هو شريڪ هم منصبن سان ڳالهه ٻولهه ڪندو. ان موقعي تي سيڪريٽري جنرل پيٽريشيا اسڪاٽ ل??نڊ پاڪستان پاران دولت م??تر??ه جي مسلسل حمايت کي ??ار??هيو. هن چيو ته هو 2022ع جي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کانپوءِ پاڪستان جو دورو ڪري رهي آهي ته جيئن هو اهو ڏسي سگهي ته پاڪستان ڪيئن ٻيهر اٿي بيـٺو آهي جنهن 33 ملين کان وڌيڪ پاڪستانين کي متاثر ڪيو ۽ ان مان 20 لک گهرن ۽ روزگار کان محروم ڪري ڇڏيو. دولت م??تر??ه جي سيڪريٽري جنرل پيٽريشيا اسڪاٽ ل??نڊ دولت م??تر??ه جي اصولن جي لاءِ پاڪستان جي عزم کي ??ار??هيندي چيو ته پاڪستان جي 30 سالن کان گهٽ عمر جي 65 سيڪڙو آبادي نه رڳو مستقبل جي قيادت هوندي بلڪه دولت م??تر??ه کي هڪ بهتر مستقبل بڻائڻ ۾ پڻ مدد ڪندي. هڪ سوال جي جواب ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان ڳالهه ٻولهه ذريعي امن ۽ ترقي جهڙن قدرن کي برقرار رکي ٿو بلڪه آزادي ۽ خودمختياري جو احترام ڪري ٿو. هن چيو ته پاڪستان دولت م??تر??ه کي اهم مسئلن تي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ جي لاءِ هڪ فورم طور ڏسي ٿو. هن چيو ته پاڪستان پنهنجي جاگرافيائي بيهڪ سان پاڻ کي واپار جي لاءِ هڪ علائقائي مرڪز طور تصور ڪيو آهي ڇو ته علائقائي رابطا نوجوانن جي لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ڪندو ۽ تعاون جي لاءِ حالتون پيدا ڪندو. هن سيڪريٽري جنرل پيٽريشيا اسڪاٽ ل??نڊ جي 2030ع تائين انٽرا ڪامن ويلٿ واپار کي 2 ٽريلين ڊالر تائين وڌائڻ جي ويزن کي پڻ ??ار??هيو. دولت م??تر??ه جي سيڪريٽري جنرل چيو ته دولت م??تر??ه ۾ 2.7 ارب ماڻهو يا دنيا جو ٽيُون حصو شامل آهي، دولت م??تر??ه جي رياستن سان واپار ٻين ملڪن جي مقابلي ۾ وڌيڪ تيز، سستو ۽ آسان آهي. دولت م??تر??ه جي سيڪريٽري جنرل پيٽريشيا اسڪاٽ ل??نڊ سرڪاري دعوت تي پاڪستان جو پنج ڏينهن جو دورو ڪري رهي آهي.