اٽڪ – 12 – آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ليفٽيننٽ عزير محمود ملڪ ش??يد جي گهر ويو، پونئيرن سان تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ شهيد جي ايصال ثواب ل??ءِ دعا ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر آصف علي زرداري ليفٽيننٽ عزير محمود ملڪ ش??يد جي پونئيرن سان تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ ليفٽيننٽ عزير محمود ملڪ ش??يد کي ملڪ جي دفاع ل??ءِ جان جو نذرانو پيش ڪرڻ تي خراج عقيدت پيش ڪيو. صدر پونئيرن سان ڳالهائيندي چيو ته عزير محمود ملڪ ش??يد خوارجي دهشتگردن جو مقابلو ??ندي شهادت ماڻي، پوري قوم کي پنهنجي بهادر شهيدن تي فخر آهي، اهي بي مثال قربانيون قوم کي جلا بخشين ٿيون. هن چيو ته دهشتگردي جي پاڙ کان خاتمي جي ل??ءِ پرعزم آهيون. صدر سوڳوارن جي ل??ءِ صبر جميل جي پڻ دعا ڪئي.