او آءِ سي ڪيترن ئي ڏهاڪن کان حل طلب ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ ٺوس قدم کڻي: دفاع وارو وفاقي وزير خواجه آصف

image

گڏيل قومون – 27 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) کان مطالبو ڪيو آهي ته اها ڪشميري عوام جي مصيبتن جي خاتمي ۽ گڏيل قومن جي قراردادن موجب ڪشمير مسئلي جو منصفاڻو حل ڳولڻ جي لاءِ پنهنجون ڪوششون تيز ڪري ته جيئن ڪشميري عوام کي انهن جي خودمختياري جو حق ملي سگهي. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 79هين اجلاس جي موقعي تي او آءِ سي جي ڄمون ۽ ڪشمير بابت رابطا گروپ جي اجلاس کي خطاب ۾ دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف او آءِ سي تي زور ڏنو ته اها ڪيترن ئي ڏهاڪن کان حل طلب ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ ٺوس قدم کڻي. هن چيو ته او آءِ سي ۽ ان جي ميمبر ملڪن کي پنهنجو اثررسوخ استعمال ڪندي ڀارت تي زور ڏيڻ گهرجي ته هو ڪشمير ۾ انساني حقن جي صورتحال کي بهتر بڻائي، سياسي قيدين کي آزاد ڪري، سخت هنگامي قانون رد ڪري، آبادي وارن علائقن ۾ مقرر فوجين کي اتان هٽائي ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن تي عملدرآمد ڪري. رابطا گروپ جي اجلاس جي صدارت او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل حسين ابراهيم طحيٰ ڪئي. اجلاس ۾ ترڪيه، جي نائب پرڏيهي وزير نوح يلماز، آذربائيجان جي نائب پرڏيهي وزير النور ممدوف، پرڏيهي وزارت ۾ سعودي عرب جي پليني پوٽينٽري سفير هيثم العالڪي ۽ نائجر جي پرڏيهي وزارت ۾ ڊائريڪٽر انٽرنيشنل آرگنائيزيسن حما ڪنسائي سليماني پڻ شرڪت ڪئي جڏهن ته عالمي ڪشمير آگاهي فورم جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر غلام نبي فائي ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي حقيقي نمائندي جي حيثيت سان شرڪت ڪئي. گروپ جي ميمبرن ڪشمير ڪاز جي حمايت ڪئي ۽ ڀارت ۽ پاڪستان جي وچ ۾ تڪرار جي پرامن حل تي زور ڏنو. پنهنجي افتتاحي خطاب ۾ دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف زور ڏنو ته ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن جي لاءِ ڪشمير تڪرار کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي امنگن موجب حل ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته گذريل 77 سالن ۾ ڀارت ڄمون ۽ ڪشمير تي پنهنجي قبضي کي مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ مختلف طريقا آزمايا پر 5 آگسٽ 2019ع کان ڀارتي حڪومت ڪشمير کي ڀارت جو حصو بڻائڻ ۽ ڪشميرين کي هڪ بي اختيار ڪميونٽي ۾ تبديل ڪرڻ جي مهم تيز ڪري ڇڏي آهي. دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف چيو ته گذريل 5 سالن ۾ ڀارتي عملدارن قانونسازي سان گڏوگڏ اهڙا ڪيترائي عدالتي ۽ انتظامي قدم کنيا آهن جو مقصد ڪشمير جي آبادياتي ڍانچي ۽ سياسي منظرنامي کي تبديل ڪرڻ آهي، ان ۾ چونڊ تڪن ۾ ڦيرڦار ۽ غيرڪشميرين کي ڪشمير ۾ آباد ٿيڻ جي اجازت ڏني وئي آهي. ووٽر فهرستن ۾ ڪشمير کان ٻاهر جي ماڻهن کي ڊوميسائيل سرٽيفڪيٽ جاري ڪري شامل ڪيو ويو، ان کانسواءِ ڀارتي حڪومت ليفٽيننٽ گورنر کي انتظامي معاملن ۾ وڌيڪ اختيار ڏنا ۽ زمين ۽ ملڪيت بابت نوان قانون متعارف ڪرايا. هن او آءِ سي رابطا گروپ جي ميمبرن کي ٻڌايو ته ڀارتي حڪومت پنهنجي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ اختلاف راءِ کي ڪچلڻ جي لاءِ پبلڪ سيفٽي ايڪٽ، آرمڊ فورسز اسپيشل پاورز ايڪٽ ۽ غيرقانوني سرگرميون (روڪٿام) ايڪٽ جهڙا ڪارا قانون لاڳو ڪري رکيا آهن جن جي نتيجي ۾ اتي خوف ۽ دهشت جو ماحول آهي. سندس چوڻ هو ته ڀارتي فوجين کي ڪنهن به شخص کي گرفتار ڪرڻ يا قتل ڪرڻ ۽ ملڪيتن کي تباهه ڪرڻ تي ڪنهن به طرح جي احتساب ۽ سزا کان ڇوٽ حاصل آهي، 5 آگسٽ 2019ع کان هيستائين 914 ڪشميري شهيد ۽ 2447 زخمي يا تشدد جو نشانو بڻجي چڪا آهن، سياسي قيدين جو انگ هزارن ۾ آهي ۽ ڪشميري ڪارڪنن جون ملڪيتون سزا جي طور تي ضبط ڪيون ويون آهن. دفاع واري وفاقي وزير چيو ته ڀارتي عملدارن دهشتگردي جي خاتمي جي قانون (غيرقانوني سرگرميون (روڪٿام) ايڪٽ) تحت ڄمون ۽ ڪشمير جي 14 سياسي پارٽين کي ڪالعدم قرار، سرينگر ۾ ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس (اي پي ايڇ سي) جي آفيس کي بند ڪيو ويو آهي. هن چيو ته سرينگر جي تاريخي جامع مسجد ۾ گذريل 5 سالن کان عيد جي نماز ادا ڪرڻ جي اجازت نه آهي ۽ وقت بوقت جمعي جي نماز ادا ڪرڻ تي به پابندي هنئي وڃي ٿي، مسجد جي امام ۽ ناليواري ڪشمير اڳواڻ مير واعظ عمر فاروق کي وقفي وقفي سان گهر م نظربند ڪيو وڃي ٿو ۽ کيس جمعي نماز جي امامت جو موقعو ڏيڻ کان انڪار ڪيو وڃي ٿو. ميڊيا تي پابندين جو ذڪر ڪندي دفاع واري وفاقي وزير چيو ته سرينگر پريس ڪلب 2020ع کان بند آهي، ڄمون ۽ ڪشمير بار ايسوسيئيشن جي چونڊن جي اجازت نه آهي ۽ ان جي هڪ اڳوڻي صدر ميان عبدالقيوم کي سندس مخالفاڻي سياسي نظرين جي ڪري گرفتار ڪيو ويو آهي. خواجه آصف چيو ته عالمي انساني حقن جي تنظيمن ۽ سول سوسائٽي وڏي پئماني تي انساني حقن جي خلاف ورزين کي دستاويزي شڪل ڏني آهي، انساني حقن واري ڪميٽي ڀارت تي زور ڏنو آهي ته هو ان ڳالهه کي يقيني بڻائي ته دهشتگردي جي خاتمي واري قانونن جو انساني حقن جي تحفظ جي لاءِ ڪم ڪندڙن، صحافين، پرامن مظاهرين ۽ سياسي مخالفن جي خلاف ڪريڪ ڊائون تي لاڳو نه هجي، ان کانسواءِ عدالت کان مٿانهين حراستن جي جاچ ڪري ان جي ذميوارن کي سزا ڏني وڃي. خواجه محمد آصف چيو ته ڀارت جي دعويٰ آهي ته پنهنجي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ تازين چونڊن جي انعقاد جهڙا قدم جمهوري اصولن سان ڀارت جي وابستگي جي عڪاسي ڪن ٿا پر آئون اها ڳالهه واضح ڪرڻ چاهيان ٿو ته پاڻ ڀارتي آئين موجب علائقي ۾ ڪو به چونڊ ڍونگ خودمختياري جو حق ڏيڻ جو متبادل نه ٿو ٿي سگهي. هن چيو ته عالمي قانون موجب ڀارتي آئين تحت ڪنهن به قدم جي ذريعي ڄمون ۽ ڪشمير جي حتمي حيثيت جو تعين نه ٿو ڪري سگهجي ڇو ته ڄمون ۽ ڪشمير عالمي طور تي مڃيل تڪراري علائقو آهي، جيئن ته ڄمون ۽ ڪشمير هڪ عالمي طور تي مڃيل تڪرار آهي ان لاءِ ڀارتي حڪومت يا ان جي عدليه کي تڪرار جي ٻين ڌرين يعني ڪشميري عوام ۽ پاڪستان جي مرضي جي خلاف هڪطرفا قدم کڻڻ جو ڪو حق حاصل نه آهي. پاڪستان جي دفاع واري وزير چيو ته ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ نه آهي ته 5 آگسٽ 2019ع جي ڀارتي حڪومت جي قدمن ۽ ان کانپوءِ جي قدمن گڏيل قومن جي چارٽر، يو اين سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ عالمي قانون (بشمول چوٿين جنيوا ڪنوينشن) جي خلاف ورزي آهي. خواجه آصف آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي حوالي سان ڀارتي اڳواڻن جي بنا جواز دعوائن جو ذڪر ڪندي چيو ته ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ تازين چونڊن دوران اهڙين ڀارتي دعوائن ۾ اضافو ٿيو. خواجه آصف چيو ته پاڪستان ذميواراڻي انداز ۾ ڪم ڪري رهيو آهي ۽ لائين آف ڪنٽرول (ايل او سي) تي جنگبندي جي پاسداري ڪري رهيو آهي، ڀارتي اڳواڻن جا غيرذميواراڻا بيان علائقائي امن جي لاءِ خطرو آهن، عالمي برادري خاص طور تي هن رابطا گروپ جي ميمبرن کي اهڙن بيانن جو نوٽيس وٺڻ گهرجي جيڪي گڏيل قومن جي چارٽر جي به خلاف آهن. هن چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير تي او آءِ سي جو پڌرنامو ڪشمير ڪاز جي حمايت جو وڏو ذريعو آهي، پاڪستان ۽ ڪشمير جي عوام اهڙين قراردادن کي تمام گهڻي اهميت ڏين ٿا. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته او آءِ سي کي پنهنجي اعلانن کي ٺوس قدمن ۾ تبديل ڪرڻ گهرجي.

مضمون کا ماخذ : ایڈونچر کی کتاب
سلاٹس پر مفت اسپن کو کیسے متحرک کریں۔_سلاٹ بونس گیمز_علامتیں_آٹو پلے سلاٹ گیمز_فون سلاٹ گیمز کے ذریعے ادائیگی کریں۔ سلاٹ گیمز کے ساتھ کیسینو_آن لائن کیسینو سلاٹ مشینیں۔_عملی پلے سلاٹس_آٹو پلے سلاٹ گیمز_اصلی پیسے کے لیے سلاٹس کھیلیں بہترین فطرت پر مبنی سلاٹس_سلاٹ مشین ایپس_Novomatic Slot Machines_افسانوی مخلوق سلاٹ مشینیں_سلاٹ مشین کے جائزے اور درجہ بندی پاکستان کے لیے ٹاپ اردو سلاٹ ایپس_آٹو پلے کی خصوصیات کے ساتھ بہترین سلاٹس_سب سے بڑے سلاٹ جیک پاٹس_مائیکرو گیمنگ سلاٹس_ویڈیو سلاٹس پر جیتنے کا طریقہ NetEnt Slot Games_iOS آلات پر سلاٹ گیمز کھیلیں_فوری جیت کے ساتھ سلاٹس_بونس راؤنڈ کے ساتھ سلاٹ مشین_سلاٹ گیمز اسلام آباد میں مقبول ہیں۔ نیٹلر سلاٹس_پاکستان میں موبائل کے لیے مفت سلاٹ گیمز_پاکستان کے لیے آن لائن سلاٹس_گولیاں کے لیے مفت سلاٹ گیمز_ٹاپ ریٹیڈ سلاٹ ایپس بڑے جیک پاٹس کے ساتھ سلاٹ مشینیں۔_فوری کھیلنے کے اختیارات کے ساتھ سلاٹ گیمز_اردو میں کیسینو سلاٹس_پاکستانی کھلاڑیوں کے لیے آن لائن سلاٹ ٹورنامنٹ_ٹاپ سلاٹ گیم فورمز ڈیسک ٹاپ پر سلاٹ گیمز کھیلیں_پلےٹیک سلاٹس_سلاٹ مشین_سلاٹ مشین کی ادائیگیوں کو محفوظ بنائیں_آئی فون پر سلاٹ گیمز ہائی لمیٹ سلاٹ مشینیں۔_سمندری ڈاکو سلاٹ مشینیں۔_فوری جیت سلاٹ مشینیں_کیسینو سلاٹ گیمز فیڈ بیک_ایک سے زیادہ بونس راؤنڈ کے ساتھ سلاٹس ارتقاء گیمنگ سلاٹس_اصلی پیسے کے لیے سلاٹس کھیلیں_ڈیسک ٹاپ پر سلاٹ گیمز کھیلیں_پے پال کے ساتھ سلاٹ مشینیں۔_کریڈٹ کارڈ سلاٹس ارتقاء گیمنگ سلاٹس_اصلی پیسے کے لیے سلاٹس کھیلیں_ڈیسک ٹاپ پر سلاٹ گیمز کھیلیں_پے پال کے ساتھ سلاٹ مشینیں۔_کریڈٹ کارڈ سلاٹس ارتقاء گیمنگ سلاٹس_اصلی پیسے کے لیے سلاٹس کھیلیں_ڈیسک ٹاپ پر سلاٹ گیمز کھیلیں_پے پال کے ساتھ سلاٹ مشینیں۔_کریڈٹ کارڈ سلاٹس ارتقاء گیمنگ سلاٹس_اصلی پیسے کے لیے سلاٹس کھیلیں_ڈیسک ٹاپ پر سلاٹ گیمز کھیلیں_پے پال کے ساتھ سلاٹ مشینیں۔_کریڈٹ کارڈ سلاٹس ارتقاء گیمنگ سلاٹس_اصلی پیسے کے لیے سلاٹس کھیلیں_ڈیسک ٹاپ پر سلاٹ گیمز کھیلیں_پے پال کے ساتھ سلاٹ مشینیں۔_کریڈٹ کارڈ سلاٹس ارتقاء گیمنگ سلاٹس_اصلی پیسے کے لیے سلاٹس کھیلیں_ڈیسک ٹاپ پر سلاٹ گیمز کھیلیں_پے پال کے ساتھ سلاٹ مشینیں۔_کریڈٹ کارڈ سلاٹس