باڪو – 13 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مو??مي??تي تبديلين کي منهن ڏيڻ جي لاءِ فوري قدمن جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته محفوظ مستقبل جي لاءِ ماحولياتي تحفظ جي حوالي سان هنگامي بنيادن تي ڪم ڪرڻو پوندو، ڪوپ 27، ڪوپ 28 ۽ 10 سال اڳ پيرس ۾ ڪيل واعدن تي عملدرآمد ڪيو وڃي، پاڪس??ان مو??مي??تي تبديلي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهيو آهي، دنيا کي پاڪس??ان جهڙن اسرندڙ ملڪن جي مدد ڪرڻي پوندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه اربع ڏينهن ڪوپ 29 ڪلائميٽ ايڪشن سربراهي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم آذربائيجان جي صدر کي سربراهي اجلاس جي بهترين انعقاد تي مبار??با?? ڏيندي چيو ته مو??مي??تي تبديلين کي سمجهڻ تمام ضروري آهي. دنيا جي اڪثر ملڪن کي مو??مي??تي تبديلين جي منفي اثرن سبب نقصان درپيش آهي. پاڪس??ان به ماحولياتي تبديلين کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪن ۾ شامل آهي. وزيراعظم چيو ته مو??مي??تي تبديلين جي ڪري پاڪس??ان کي 2022ع ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کي منهن ڏيڻو پيو، 1700 جي لڳ ڀڳ جانين جو نقصان ٿيو، ان کانسواءِ هزارين ايڪڙ تي بيٺل فصل تباهه ٿي ويون ۽ لکين ماڻهو بي گهر ٿي ويا. ٻوڏ جي ڪري اسڪولن جون عمارتون ڊهي ويون ۽ پاڪس??ان کي 30 ارب ڊالر کان وڌيڪ جو نقصان ٿيو. وزيراعظم ان موقعي تي بلوچس??ان جي ضلعي قلعه سيف الله جي هڪ شاگرد اڪرام الله کي بطور مثال پيش ڪيو ۽ شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ته ان شاگرد جو ڳوٺ، گهر ۽ اسڪول سڀ ٻوڏ جي ور چڙهي ويا، ان کي پاڪس??ان حڪومت لارنس ڪاليج مري ۾ بهترين تعليمي سهولتون فراهم ڪيون ۽ ان جي زندگي بدلائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. وزيراعظم چيو ته مو??مي??تي تبديلين جي منفي اثرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ وقت سر قدم نه کنيا ويا ته ايندڙ وقت ۾ وڌيڪ نقصان ۽ تباهي کي منهن ڏيڻو پوندو. وزيراعظم عالمي برادري کي مو??مي??تي تبديلين جي ڪري ٿيندڙ نقصانن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ان جا واعدا ياد ڏياريندي چيو ته ڪوپ 29 ۾ ڪيل مالياتي واعدن تي عملدرآمد ڪيو وڃي. وزيراعظم چيو ته اسان نه ٿا چاهيون ته پاڪس??ان وانگر ٻيا ملڪ به تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جهڙي صورتحال کي منهن ڏين. هن چيو ته عالمي ماحولياتي آلودگي ۾ پاڪس??ان جو حصو 0.5 سيڪڙو کان به گهٽ آهي پر اسان ان جي ڪري ٿيندڙ تباهين ۽ آفتن کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪن ۾ شامل آهيون. وزيراعظم چيو ته ماحولياتي انصاف کانسواءِ ان صورتحال کي منهن نه ٿو ڏئي سگهجي. هن ٻڌايو ته پاڪس??ان مو??مي??تي تبديلي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهيو آهي، اسان نيشنل ڪاربن مارڪيٽ فريم ورڪ تي ڪم ڪري رهيا آهيون جڏهن ??ه پاڪس??ان م??با??ل توانائي جي ذريعن ۾ سيڙپڪاري جو پڻ خواهشمند آهي. هن ٻڌايو ته حڪومت ايندڙ ڪجهه سالن ۾ پنهنجي انرجي مڪس ۾ ڪلين سورسز جو حصو 60 سيڪڙو تائين کڻي وڃڻ ۽ 30 سيڪڙو گاڏين کي اليڪٽرڪ ٽيڪنالاجي تي منتقل ڪرڻ جي لاءِ قدم کنيا آهن. وزيراعظم چيو ته پاڪس??ان جهڙا اسرندڙ ملڪ اڪيلي مو??مي??تي تبديلين کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ضروري قدم نه ٿا کڻي سگهن، عالمي برادري کي اسرندڙ ملڪن جي مدد ڪرڻي پوندي. وزيراعظم زور ڏنو ته مو??مي??تي تبديلين کي منهن ڏيڻ جي لاءِ فراهم ڪيل فنڊز قرض طور نه پر گرانٽ طور ڏنا وڃن ڇو ته اسرندڙ ملڪ انهن قرضن جو بار برداشت نه ٿا ڪري سگهن. وزيراعظم ڪوپ 27، ڪوپ 28 ۾ ڪيل مالي واعدا پورا ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته 10 سال اڳ پيرس ۾ جيڪي واعدا ڪيا ويا هئا اسان انهن ??ي به پوري ٿيڻ جا منتظر آهيون. وزيراعظم چيو ته دنيا هاڻي مو??مي??تي تبديلين جا سبب ڄاڻي چڪي آهي ۽ ان جا حل به ڳوليا ويا آهن، هاڻي وقت اچي ويو آهي ته اسان فوري قدم کڻون. هن چيو ته محفوظ مستقبل جي لاءِ ماحولياتي تحفظ تي هنگامي بنيادن تي ڪم ڪرڻو پوندو. اي پي پي/ص – ج/ش – چ/ع – ک 15:30