اسلام آباد – 10 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستاني قوم ملڪ جي بقاءَ جي لاءِ پنهنج?? جانين جا نذرانا پيش ڪندڙ عظيم شهيدن جي قربانين کي ڪڏهن به نه وساريندي. سوار محمد حسين شهيد نشان حيدر جي 53??ين شهادت جي ڏهاڙي تي کيس خراج عقيدت پيش ڪندي وزيراعظم ??يو ته سوار محمد حسين شهيد (نشان حيدر) 1971ع جي جنگ ۾ بي مثال بهادري ۽ جرئت جو مظاهرو ڪيو ۽ دشمن جي نشاندهي ڪندي ٽينڪ تباهه ڪندڙ توپن سان دشمن جون 16 ٽينڪون تباهه ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. وزيراعظم ??يو ته سوار محمد حسين شهيد (نشان حيدر) پنهنجي پيشيواراڻي عسڪري مهارت سان دشمن جي طاقت جي نشي ۽ عددي برتري جي غرور کي خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو ۽ جرئت ۽ بهادري جو مثال قائم ڪندي ملڪ جي لاءِ پنهنج?? جان قربان ڪري ڇڏي. هن چيو ته سوار محمد حسين شهيد جو ملڪ جي حفاظت جي اڻٿڪ عزم ۽ عهد وفا نڀائيندي شهادت ماڻڻ جو عمل ايندڙ نسلن جي لاءِ قابل تقليد آهي. مون سميت پوري قوم کي پنهنجي شهيدن ۽ انهن جي گهرڀاتين تي فخر آهي. وزيراعظم ??يو ته پاڪستاني قوم ملڪ جي بقاءَ جي لاءِ پنهنج?? جانين جا نذرانا پيش ڪندڙ عظيم شهيدن جي قربانين کي ڪڏهن به نه وساريندي.