اسلام آباد-19 ڊسمبر (اي پي پي)قومي اسيمبلي جي ??سپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته ذاتي حملن بدران اشوز تي ڳالهائڻ سان ايوان خوشگوار ماحول ۾ هلي سگهي ٿو، تلخيون گهٽ ڪرڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو آهي، پارليامينٽ ۾ اشوز کي بحث هيٺ آندو وڃي، پروڊڪشن آرڊرز جهڙن اشوز تي ڪوشش هوندي آهي ته پهرين غلط ٿيو آهي ته هاڻي نه ٿيڻ گهرجي، چئني صوبن، آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان اسيمبلين وچ ۾ تعاون، هم آهنگي کي يقيني بڻائڻ لاءِ سيڪريٽريز، چيف وهپس ۽ پي اي سي ميمبرن جون ايسوسيئيشنز ٺاهيون وڃن، اسپيڪر ۽ جج جو منصب اهم هوندو آهي، ان منصب تي ويهي ڪيترائي راز رکڻا پوندا آهن. قومي اسيمبلي جو اسپيڪر پارليامينٽ هائوس ۾ 18 هين اسپيڪرز ڪانفرنس جي ??فتتاحي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو.
ڪانفرنس ۾ ڊپٽي اسپيڪر سيد غلام مصطفيٰ شاهه، قومي اسميبلي جو سيڪريٽري جنرل طاهر حسين، چئني صوبائي اسيمبلين، آزاد ڪشمير قانونساز اسيمبلي جا اسپيڪرز، سيڪريٽريز، پارلياماني پارٽين جا نمائندا ۽ پارليامينٽ جا نمائندا شريڪ هئا. قومي اسيمبلي جي ??سپيڪر سردار اياز صادق 18 هين اسپيڪرز ڪانفرنس جي ??رڪت ڪندڙن جي ??جيان ڪندي چيو ته اسپيڪر جو ڪم سڀني کان ڏکيو هوندو آهي، مخالف ڌر کي وڌيڪ وقت ڏيون ته حڪومت، حڪومت کي وقت ڏيون ته مخالف ڌر، پهرين قطار واري کي ڏيون ته پوئين قطار وارا ناراض ٿي ويندا آهن. هن چيو ته پروڊڪشن آرڊرز جهڙن اشوز تي ڪوشش هوندي آهي ته پهرين جيڪڏهن غلط ٿيو آهي ته هاڻي نه ٿيڻ گهرجي،اسان کي هڪٻئي جو تحفظ ڪرڻو آهي ۽ بنا ڪنهن دٻاءُ جي ??يوان کي به هلائڻو آهي. هن چيو ته قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ، سينيٽ سيڪريٽريٽ، چئني صوبن، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان سيڪريٽريٽ جو ان ڪانفرنس کي منعقد ڪرڻ ۾ اهم ڪردار آهي. هن چيو ته اها ڳالهه رولز ۾ شامل ڪري رهيا آهيون ته اسپيڪرز ڪانفرنس سالياني هجڻ گهرجي. ايندڙ ڪانفرنس جي ??اريخ ۽ هنڌ جو اعلان پڄاڻي واري ويهڪ ۾ ڪيو ويندو. هن چيو ته 2013ع ۾ قومي اسيمبلي کي يونيورسٽي ۽ ڪاليج جي ??اگردن ۽ شاگردياڻين لاءِ کوليو ويو، اسان وٽ انٽرنشپ لاءِ ساڍا 3 هزار درخواستون آهن، سرڪاري اسڪولن کان پڙهيل ۽ موقعن کان محروم ٻارن کي انٽرنشپ جو موقعو ڏئي رهيا آهيون. صوبائي اسيمبليون به ڪاليجز ۽ اسڪولن جي ٻارن کي انٽرنشپ جو موقعو فراهم ڪن. هن چيو ته ايوان ۾ وهپس جو ڪردار وزيرن کان وڌيڪ آهي. اسان جي ڪوشش هوندي آهي ته سمورن ميمبرن کي ڳالهائڻ جو برابر حق ڏيون، ان لاءِ مشاورت سان هلڻ گهرجي. هن تجويز ڏني ته سيڪريٽريز، پا??ٽي وهپس ۽ صوبائي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي ميمبرن جون ڌار ڌار ايسوسيئيشنز ٺاهيون وڃن جيڪي روزاني جي ??نياد تي رابطي ۾ رهن ۽ هڪٻئي جي ??جربن مان فائدو کڻن. هن چيو ته ملڪ ۾ جمهوري نظام جي ??اتمي سان پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي بيڪ لاگ ٿي جنهن جو وڏو حصو چوڌري نثار علي خان ۽ سيد خورشيد شاهه پنهنجي ??ورن ۾ ختم ڪيو. پي اي سي جي ??ب ڪميٽي ۽ مانيٽرنگ ڪميٽيون ٺاهي معاملن کي شفاف بڻايو ويندو آهي. اسان ادارن کي ان ڳالهه جو پابند ڪريون ٿا ته انهن جي ??ندر آڊٽ ڪميٽين جا باقاعدگي سان اجلاس ٿين. پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي ذريعي اربين روپين جون وصوليون ڪيون آهن. اسپيڪر چيو ته صوبائي اسيمبليون پنهنجي قانونسازي ڪري پي اي سي جي ڪردار کي موثر ٺاهين. هن چيو ته اهڙا فيصلا ڪريو جنهن جي نتيجي ۾ اسان هڪٻئي سان گڏجي ويهي بهتري آڻي سگهون. هن چيو ته معيشت، ماحولياتي تبديلين، بيروزگاري جهڙن اشوز تي ڌيان ڏيڻو پوندو. هن چيو ته اسان کي اشوز تي ڳالهائڻو پوندو ڪنهن جي ??ات تي حملو نه ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته اسان کي پي آءِ پي ايس کان مڪمل تعاون مليو آهي. پي آءِ پي ايس لاءِ نصاب ٺاهيو وڃي ۽ سمورين صوبائي اسيمبلين جي ماڻهن کي اتي ڪورسز ڪرايا وڃن. قومي اسيمبلي جي ??يڪريٽري جنرل طاهر حسين اسپيڪرز ڪانفرنس جي ??رڪت ڪندڙن جي ??جيان ڪندي چيو ته ان ڪانفرنس کي مستقل فورم فراهم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، تجويز هئي ته ان حوالي سان هر 6 مهينن بعد ڪانفرنس منعقد ڪئي وڃي ۽ اسپيڪر فورم قائم ڪيو وڃي، هن چيو ته سمورن مسئلن جو حل ڳالهين ذريعي ٿيندو آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته هن فورم سان پاڪستان ۽ ان جي ??وام جو فائدو ٿيندو. سينيٽر ممتاز زيدي سينيٽ جي نمائندگي ڪندي چيو ته اڄ اسان ان لاءِ گڏ ٿيا آهيون ته پارليامينٽ کي مضبوط ۽ قانونسازي کي موثر بڻايو وڃي. هن چيو ته ڊسمبر 22 کان عورتن جي ??قن جي ??والي سان ٽن ڏينهن واريون سرگرميون منعقد ڪيون پيون وڃن، هن چيو ته اسٽينڊنگ ڪميٽين خاص ڪري پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي شفافيت، نگراني ۽ بهتري ۾ ڪردار ادا ڪري رهيون آهن. آزاد ڪشمير اسيمبلي جي ??سپيڪر چوڌري مجيد اڪبر چيو ته 18 هين اسپيڪرز ڪانفرنس کي خطاب منهنجي لاءِ فخر جوڳو آهي، هن فورم ذريعي هڪٻئي جي ??جربن مان فائدو کڻڻ، تجويزن جي مٽاسٽا، پارلياماني روايتن، اسيمبلي ۾ پيش ٿيل معاملن جو حل ملندو. هن چيو ته گڏيل مسئلن جو مناسب حل مشاورت سان ئي ممڪن آهي. هن ايندڙ اسپيڪرز ڪانفرنس مظفرآباد ۾ منعقد ڪرڻ جي ??عوت ڏني. هن ڀارتي حڪومت جي 5 آگسٽ 2019ع جي قدمن جي مذمت ڪندي چيو ته اهڙن حربن سان آزادي واري تحريڪ کي نٿو دٻائي سگهجي. بلوچستان اسيمبلي جي ??سپيڪر ڪيپٽن (ر) عبدالخالق اچڪزئي چيو ته اسان سڀني کي ان شيءَ کي نظر رکڻ گهرجي ??ه ملڪ اندر ڇا ٿي رهيو آهي ۽ مسئلن جو حل ڪيئن ڪڍي سگهجي ٿو. هن چيو ته بلوچستان اندر ڪجهه ماڻهن طرفان مسئلا پيدا ڪيا پيا وڃن پر اتي جا سيڪيو??ٽي ادارا ان ڳالهه تي متفق آهن ته بلوچستان کي اڳتي وٺي هلڻو آهي ۽ ان حوالي سان مسلسل ڪوشش جاري آهي. گلگت بلتستان اسيمبلي جي ??سپيڪر نذير احمد چيو ته هن ڪانفرنس سان پاڪستان ۾ پارلياماني بالادستي کي يقيني بڻائڻ ۾ مدد ملندي، هن ڪانفرنس سان وفاق ۽ وفاقي ايڪن جو اعتماد وڌندو. پارلياماني پريڪٽس، رولز، قانونسازي، پارلياماني جمهوريت جي مضبوطي لاءِ گهڻو ڪجهه سکڻ لاءِ ملندو. خيبرپختونخوا اسيمبلي جي ??سپيڪر بابر خان سواتي چيو ته اهي سموريون جمهوري قوتون واکاڻ جوڳيون آهن جن مشڪلاتن جي ??اوجود حوصلا نه ڇڏيا. اهڙا ڪا سياسي پا??ٽي ناهي جنهن جي قيادت کي تشدد جو نشانو نه بڻايو ويو هجي يا جيلن ۾ نه وئي هئي ان جي ??اوجود اسان سڀ گڏجي ويٺل آهيون اهو جمهوريت جي مضبوطي جو واضح مثال آهي. هن چيو ته سياسي قوتون ۽ سياسي ورڪرز هميشه آئين ۽ قانون جي ??الادستي تي يقين رکن ٿا.پنجاب اسيمبلي جي ??سپيڪر ملڪ محمد احمد خان چيو ته هن ڪانفرنس جو مقصد آئيني طريقيڪار، قانونسازي کي بهتر ڪرڻ، اسان جي ڪوشش هجڻ گهرجي ??ه هي ڪانفرنس تسلسل سان منعقد ٿيندي رهي، 10 سال ڪانفرنس نه ٿيڻ سٺو پيغام نه آهي، هن چيو ته هن فورم ۾ قانونسازي، رولز، وزارتن ۽ ادارن جي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ، 18 هين ترميم کانپوءِ وزارتون ۽ ادارا صوبن ڏانهن وڃڻ کانپوءِ پيچيدگين جي ??ل لاءِ ٺوس پاليسين تي ڳالهه ڪرڻي پوندي. هن تجويز ڏني ته گڏيل مفادن واري ڪائونسل وانگر اسپيڪرز ڪانفرنس کي به مستقل حيثيت ڏني وڃي. سنڌ اسيمبلي جي ??سپيڪر سيد اويس قادر شاهه چيو ته پارليامينٽ صرف هڪ عمارت ناهي، پر ان جي ??ندر ويٺل قانونساز ان جا اصل ڪردار آهن. قانونسازن کي بهتر ٽيڪنالاجيز کان روشناس ڪرايو وڃي، سيمينار منعقد ڪيو وڃي، ٻين ملڪن جي قانونسازن سان تعاون کي وڌايو وڃي، ٻين ملڪن ۾ قانونسازي جي نوعيت ۽ ان جي مستقبل جي منصوبن جو جائزو ورتو وڃي. هن چيو ته هر شيءَ جو حل پارليامينٽ اندر ئي آهي. هن چيو ته اسان جي پا??ٽي جي چيئرمين مون کي اسپيڪر آفيس سنڀالڻ کان اڳ تلقين ڪئي ته سڀني کي ٻڌڻڻ ۽ هر نظريي جي ??زت ڪرڻي آهي. اسپيڪر آفيس غير جانبدار ۽ ذميوار هوندي آهي ۽ سڀني کي گڏ کڻي هلڻ جي پابند هوندي آهي، هن چيو ته اسان جي ??رورت نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ آهي، 2008ع ۾ جمهوريت بحال ٿي ۽ اڄ 2024ع آهي، اڄ 2008ع ۾ پيدا ٿيل ٻار 17 سالن جون ٿي چڪو آهي، ڇا اسان ان ٻار کي درست رخ ، مثبت سوچ ۽ اڳتي و??ڻ جا موقعا فراهم ڪيا آهن. هن چيو ته مس انفارميشن ۽ ڊس انفارميشن اسان جي نوجوانن کي متاثر ڪيو آهي، هي وقت آهي ته سمورا قانونساز ادارا ان چئلينج مان سرخرو ٿيڻ جو حل پيش ڪن. هن چيو ته اسان سنڌ اسيمبلي کي پيپرليس ڪرڻ، مصنوعي ذهانت ذريعي قانونسازي کي موثر بڻائڻ جي ??يجنڊا تي عمل ڪري رهيا آهيون.