اسلام آباد – 10 – جنوري (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف مٽاسٽا جي ن??ڻي ۾ رڪارڊ اضافي تي قوم کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته ملڪي معيشت جو ڦيٿو جام ڪرڻ جا نعرا هڻندڙن جون دعوائون کوکليُون رهجي ويون، پاڪستان معاشي استحڪام کانپوءِ معاشي ترقي جي ر??هه تي گامزن ٿي چڪو آهي، حڪومت ملڪي ترقي ۽ عوام جي ڀلائي لاءِ پرعزم آهي. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وز??راعظم چيو ته ڊسمبر 2024ع تائين 3.1 بلين ڊالر مٽاسٽا جو ناڻو وصول ٿيو، جيڪو نومبر 2024ع جي ڀيٽ ۾ 5.6 سيڪڙو کان وڌيڪ آهي، ڊسمبر 2023ع کان ڊسمبر 2024ع تائين مٽاسٽا جي ن??ڻي ۾ 29.3 سيڪڙو ??و اضافو ٿيو. وز??راعظم چيو ته مٽاسٽا جي ن??ڻي ۾ رڪارڊ اضافو اسان جي ٻاهرئين ملڪ پاڪستاني ڀائرن ۽ ڀينرن جي ملڪ ۽ قوم جي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي عزم جو عڪاس آهي. مٽاسٽا جي ن??ڻي ۾ رڪارڊ اضافي سان ملڪي معيشت جو ڦيٿو جام ڪرڻ جا نعرا هڻندڙن جون دعوائون کوکليُون رهجي ويون. هن چيو ته پاڪستان معاشي استحڪام کانپوءِ معاشي ترقي جي ر??هه تي گامزن ٿي چڪو آهي، حڪومت ملڪي ترقي ۽ عوامي ڀلائي جي لاءِ پرعزم آهي.