اسلام آباد – 22 اپريل (اي پي پي) ڪورونا وائرس جي ڏس ۾ مسجدن ۾ نماز ۽ تراويح جي حوالي سان عالم سڳورن سان تازو ئي طئي ٿيل 20 نقطن تي عملدرآمد جي سلسلي ۾ ايوان صدر ۾ هڪ اهم اجلاس ٿيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي اجلاس جي صدارت ڪئي. اجلاس ۾ صوبائي حڪومتن ??ي زور ڏنو ويو آ??ي ته عالم سڳورن ?? چونڊيل نمائندن جي تعاون سان ضلعي، تعلقي ۽ ڳوٺاڻي سطح تي انهن 20 نقطن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائين.