اسلام آباد – 12 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ ن??ريات واري خاص معاون ۽ سي پيڪ اٿارٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) عاصم سليم باجو?? سماجي رابطن جي ويب سائيٽ تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو آهي ته خنجراب کان اسلام آباد تائين نئين آپٽيڪل ڪيبل آپريشن??ائ??ز ڪئي وئي آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ سندس چوڻ هو ته ٻئي م??حلي ۾ اسلام آباد کان ڪراچي ۽ گوادر تائين ڪيبلز وڇائي ويندي، آپٽيڪل ڪيبلز جو ڪم ڊيجيٽل هاءِ وي پلان تحت ڪيو پي?? وڃي. هن چيو ته چين جي تعاون سان آءِ ٽي انقلاب جو بنياد رکي ڇڏيو آهي. هن چيو ته سي پيڪ سان پاڪستان ۽ خطي ۾ خوشحالي ايندي. سي پيڪ جي فيز ون منصوبن کي تيزي سان مڪمل ڪيو پي?? وڃي.