اسلام آباد – 31 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ماحول شناس هجڻ جي ناطي منهنجي لاءِ اها ڳالهه اطمينان جوڳي آهي ته ايندڙ نسلن جي لاءِ ورثي ۾ سرسبز ۽ شاداب پاڪستان ڇڏيو وڃي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته بلوڪي، پنجاب ۾ 10 ا??ب وڻ لڳائڻ جي مهم (#10 Billion Tree Tsunami) تحت مافيا کان آزاد ڪرايل زم??ن تي وڻڪاري جي هڪ سال ک??نپ??ءِ وڏي تبديلي نمايان آهي. وزيراعظم بلوڪي ۾ آزاد ڪرايل زمين جي وڻڪاري کان اڳ ۽ هڪ سال ک??نپ??ءِ جي تصوير پڻ شيئر ڪئي جنهن ۾ واضح ف??ق ڏسي سگهجي ٿو ۽ اتي وڻڪاري جي نتيجي ۾ هاڻي مڪمل سرسبز آهي.