اسلام آباد – 17 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان گلگت بلتستان جي چونڊن ۾ ڌانڌلي جي الزامن کي رد ڪندي چيو آهي ته سياسي پارٽين ۾ شڪست تسليم ڪرڻ جو ??ذبو هجڻ گهرجي، پاڪستان تحريڪ انصاف تي اعتماد جو ??ظهار ڪرڻ تي گلگت بلتستان جي عوام جا ٿورائتا آهيون، وفاقي حڪومت ان علائقي جي عوام جو ??حساس محرومي ختم ڪرڻ لاءِ گلگت بلتستان کي صوبي جو ??رجو ڏيڻ جو واعدو پورو ڪندي، چونڊ عمل کي منصفاڻو ۽ شفاف بڻائڻ لاءِ عام چونڊن ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ جو نظام متعارف ڪرايو ويندو، سينيٽ جي چونڊن ۾ ڳجهي بيلٽ پيپ?? بدران هٿ مٿي کڻي ووٽ وجهڻ لاءِ پارليامينٽ ۾ ترميمي بل پيش ڪنداسين. اهڙن خيالن جو ??ظهار هن چونڊ سڌارا ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو، وزيراعظم چيو ته سينٽ چونڊن جي حوالي سان بل پيش ڪرڻ جو مقصد سينيٽ جي ايندڙ چونڊن ۾ ووٽن جي خريد ۽ و??ري جي حوصلا شڪني ڪرڻ آهي، هن چيو ته آئيني ترميم لاءِ ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت جي ضرورت هوندي، ان مان خبر پوندي ??ه ڪهڙي سياسي پارٽي ان عمل جي حمايت ڪندي ۽ بدعنواني جي روڪٿام جي مخالفت ڪندي، وزيراعظم چيو ته اهو موجوده حڪومت جو پهريون اهم قدم آهي، پاڪستان تحريڪ انصاف 2018ع جي چونڊن ۾ پنهنجا ووٽ وڪرو ڪرڻ تي صوبائي اسيمبلي جي 12 مميبرن کي پارٽي مان ڪڍي ڇڏيو هو، اليڪٽرانڪ ووٽنگ بابت هن چيو ته نادرا پاران فراهم ڪيل انگن اکرن جي بنياد تي نظام جوڙڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن سان مشاورت جاري آهي، هن چيو ته شفافيت کي يقيني بڻائڻ سان گڏوگڏ ڪمپيوٽرائيزڊ نظام سان ٻاهرين ملڪ رهندڙ 90 لک پاڪستانين کي به آن لائين ووٽ وجهڻ ۾ آساني ٿيندي.