اسلام آباد – 08 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت کي ملڪي معاشي حالتن جي ڪري غريب ماڻهن تي پوندڙ بار جو مڪمل احساس آهي، عوام تي مهانگائي جو بار گهٽ ڪرڻ جي لاءِ هر ممڪن ڪوششون ڪيون پيون وڃن، حڪومتي سبسڊي جو شفاف ۽ موثر استعمال موجوده حڪومت جي اولين ترجيح آهي. اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم عمران خان پنهنجي صدارت ۾ معاشر?? جي مستحق ۽ غريب ماڻهن کي خوراڪ ۽ ٻين ضروري شين جي خريداري ۾ حڪومت پاران سڌي سنئين سبسڊ?? جي فراهم?? جي حوالي سان اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ناڻي وارو وزير ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، صنعت ۽ پيداوار وارو وزير حماد اظهر، صلاحڪار ڊاڪٽر عشرت حسين، خاص مددگار ڊاڪٽر وقار مسعود، ڊاڪٽر ثانيه نشتر، اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر ڊاڪٽر رضا باقر، لاڳاپيل وزارتن جا سيڪريٽري ۽ ٻيا سينئر آفيسر شريڪ ٿيا. ان موقعي تي وزيراعظ?? کي تجويز ڪيل احساس فوڊ اسٽيمپ پروگرام تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. سماجي تحفظ واري خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر وزيراعظ?? کي ڄاڻايل پروگرام جي مقصدن ۽ طر?رامڈ_ادا_کرتا_ہے۔/123535.html">?قي??ار جي حوالي سان بريفنگ ڏني، ان پروگرام تحت مستحق ماڻهن کي ضروري شين جي خريداري ۽ حڪومت پاران سڌي سنئين سبسڊي فراهم ڪئي ويندي، سڌي سنئين سبسڊ?? جي فراهمي سان مستحقين تائين حڪومتي امداد سڌي سنئين، شفاف طريقي ۽ فوري طور تي ميسر ايندي، ان پروگرام جو مقصد اڻ سڌي سبسڊ?? جي نظام کان سڌي سنئين مالي مدد جو طر?رامڈ_ادا_کرتا_ہے۔/123535.html">?قي??ار اختيار ڪرڻ آهي، وزيراعظ?? کي پروگرام مان فائدو کڻندڙ خاندانن ۽ ماڻهن جي انگن اکرن ۽ شروعاتي ڪاٿو پيش ڪيو ويو. وزيراعظم تجويز ڪيل پروگرا?? کي ساراهيندي چيو ته حڪومت کي ملڪي معاشي حالتن جي باوجود غريب ماڻهن تي پوندڙ بار جو مڪمل احساس آهي. وزيراعظم چيو ته اسان جي هر ممڪن ڪوشش آهي ته غريب عوام تي مهانگائي جو بار گهٽ ڪيو وڃي، غريب عوا?? کي ريليف پهچائڻ اسان جي ذميداري آهي، اسان کي پنهنجي ذميداري جو مڪمل احساس آهي ۽ اسان ان کي پورو ڪرڻ لاءِ هر حد تائين وينداسين.