اسلام آباد – 08 اپريل (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب پنجاب کانپوءِ خيبرپختونخوا ۾ سڀ کان وڌيڪ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 98 فوتگيون ٿيون جنهن مان 31 فوتگيون ??ين??يليٽرز تي موجود مري??ن جون ٿيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ 3 هزار 329 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ ??ين??يليٽرز تي ڪو??ڊ – 19 جي مري??ن جي تناسب جي لحاظ کان ملتان ۾ 81 سيڪڙو، لاهور ۾ 75 سيڪڙو، گجرانوالا ۾ 84 سيڪڙو ۽ اسلام آباد ۾ 58 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان پشاور ۾ 83 سيڪڙو، سوات ۾ 63 سيڪڙو، گجرات ۾ 73 سيڪڙو ۽ گجرانوالا ۾ 85 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪو??يڊ ̵1; 19 جا 49 هزار 816 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 9 هزار 411، پنجاب ۾ 21 هزار 325، خيبرپختونخواهه ۾ 7 هزار 198، اسلام آباد ۾ 8 هزار 292، بلوچستان ۾ هڪ هزار 816، گلگت بلتستان ۾ 474، آزاد ڪشمير ۾ هڪ هزار 65 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪو??يڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 6 لک 23 هزار 399 ٿي چڪو آهي. گگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪو??يڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت ??ين??يليٽر تي نه آهي. جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪو??يڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل ??ين??يليٽرز تي ڪو??يڊ 19 جا 467 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪو??يڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 66 هزار 994 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس کان متاثر ماڻهن جو انگ 7 لک 5 هزار 517 آهي.