اسلام آباد – 22 اپريل (اي پي پي) نجڪاري واري وفاقي وزير ۽ ن??ڪاري بورڊ جي چيئرمين محمد ميان سومرو جي صدارت ۾ ڇنڇر ڏينهن اجلاس ۾ سرڪاري ادارن ??ي نجڪاري جو جائزو ورتو ويو. نجڪاري واري وزارت مان جاري بيان موجب نجڪاري واري وفاقي وزير محمد ميان سومرو جي صدارت ۾ نجڪاري ڪميشن هفتيوار جائزي اجلاس منعقد ٿيو، اجلاس ۾ نجڪاري وري وفاقي سيڪ??يٽ??ي حسن ناصر جامي، نجڪاري واري ??يڊ??شنل سيڪ??يٽ??ي خ??قان بابر سميت اعليٰ آفيسرن ??رڪت ڪئي، ان موقعي تي وفاقي وزير کي نجڪاري لسٽ ۾ شامل مختلف ادارن ??ي ٿيندڙ اڳڀرائي تي بريفنگ ڏني وئي ۽ ن??ڪاري جي سلسلي ۾ درپيش مشڪلاتن ۽ رڪاوٽن کي خ??م ڪرڻ جي عمل جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ سروسز انٽرنيشنل هوٽل، هيوي اليڪٽريڪل ڪمپليڪس، گُڊو ۽ نندي پور پاور پلانٽس، جناح ڪنوينشن سينٽر، فرسٽ ويمن بئنڪ ۽ نيشنل پاور پارڪس مينيجمينٽ سميت ٻين ادارن ??ي نجڪاري جي حوالي سان هيستائين اڳڀرائي جو تفصيلي جائزو ورتو ويو.