فيصل آباد – پهرين مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير ميان فرخ حبيب چيو آهي ته ڪورونا وبا سڄي دنيا جي ملڪن کي بري طرح متاثر ڪيو پر اسان ان دوران موثر پاليسيون جوڙيون ۽ ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ طبقي کي روزگار جي فراهمي جاري رکڻ جي لاءِ سمارٽ لاڪ ڊائون جي پاليسي اختيار ڪئ?? وئي اهو ئي سبب آهي جو ڪورونا وبا دوران جتي عالمي سطح تي سموريون معاشي سرگرميون مفلوج ٿي ويون اتي پاڪستان ۾ صنعت ۽ واپار جو ڦيٿو ??لن??و رهيو جڏهن ته ٽيڪسٽائيل جي صنعت جي بحالي لاءِ ترجيحي بنيادن تي انقلابي قدم کنيا ويا جنهن سان سڌوسنئون روانگي واپار ۾ اضافو ٿيو ۽ بيروزگاري ۾ گهٽتائي ٿي، ٻئي طرف اربين رپين جي آسان قرضن جي فراهمي سان گڏوگڏ ريفنڊز جي رقم به ادا ڪئ?? وئي، ان کانسواءِ وزيراعظم عمران خان چون?? سڌارن جي لاءِ پرعزم آهي ۽ اسان ??خا??ف ڌر کي آڇ ڪريون ٿا ته اها هر اليڪشن کانپوءِ ڌانلي جو گوڙ ڪرڻ بدران پارلي??مي??ٽ ۾ ويهي چون?? سڌارن کي يقيني بڻائي ته جيئن اهڙا چون?? سڌارا آڻي سگهجن ۽ اي ووٽنگ جو طريقيڪار اختيار ڪيو وڃي ته جيئن ڪنهن کي به هڪ ٻئي تي ڌانڌلي جو الزام لڳائڻ جو موقعو نه ملي سگهي. سرڪٽ هائوس فيصل آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته احساس پروگرام ذريعي ملڪ ۾ سماجي تحفظ جو سڀ کان وڏو پروگرام شروع ڪيو ويو ۽ پهريون ڀيرو غربت جي سطح کان هيٺ زندگي گذاريندڙن کي ميرٽ تي مڪمل شفافيت سان مالي امداد جي فراهمي يقيني بڻائ?? وئي.