اسلام آباد – 10 جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد ق??صر چيو آهي ته زراعت جو شعبو ملڪ جي ??عيشت جي ريڙهه جي ??ڏي جي حيثيت رکي ٿو، مڊل مين جي ڪردار جو تدارڪ ۽ آبادگارن کي سستي اگهه تي ڀاڻ ۽ ٻج جي ??راهمي سان آبادگار خوشحال ٿيندو ۽ زرعي پيداوار وڌندي جڏهن ته پنجاب جي ??ڏي وزير عثمان بوزدار جو چوڻ هو ته ايندڙ بجيٽ عوام ۽ آبادگار دوست هوندي. پنجاب جي ??ڏي وزير عثمان بوزدار قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد ق??صر سان سندس رهائشگاهه تي ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پنجاب ۾ جاري ميگاپروجيڪٽس ۽ ايندڙ بجيٽ تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد ق??صر چيو ته ملڪي معيشت ۾ زراعت ريڙهه جي ??ڏي جي حيثيت رکي ٿي، پارليامينٽ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو خصوصي زراعت ڪميٽي قائم ڪئي وئي.