اسلام آباد – 28 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عم??ان خان چيو آهي ته سياحت جي شعبي جو فروغ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. وزيراعظم آ??يس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم عم??ان خان خيبرپختونخوا جي وڏي وزير محمود خان ملاقات ڪئي. وڏي وزير وزيراعظم کي مختلف ضل??ن ۾ جاري سياحتي سر??رم??ن ۽ ايندڙ ملڪ ۽ غير ملڪي سياحن کي سهولت فراهم ڪرڻ ۽ مسئلن جي ازالي لاءِ کنيل حڪومتي قدمن کان تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو. خيبرپختونخوا صوبي ۾ سياحن کي بهترين سهولتون ڏيڻ لاءِ جامع حڪمت عملي جوڙي وئي آهي ان کانسواءِ سياحت جي فروغ لاءِ ڏنل روڊ ميپ موجب ترقياتي منصوبن ۽ قدمن تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو. هن وزيراعظم کي ضم ٿيل ضل??ن ۾ جاري ترقياتي منصوبن تي اڳڀرائي تي به بريفنگ ڏني. وزيراعظم عم??ان خان سياحت جي فروغ جي اهميت تي زور ڏ??ندي چيو ته سياحت جي شعبي جو فروغ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، هن چيو ته سياحت جي فروغ سان نه رڳو مقامي علائقن ۾ معاشي سر??رم??ون پيدا ٿينديون پر ملڪي معيشت تي به مثبت اثر پوندا.