اسلام آباد – 03 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عم??ان خان سان ايئر عربيه گروپ جي چيئرمين شيخ عبدالله بن محمد الثاني اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. پي ايم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ۽ غلام سرور خان پڻ موجود هئا. ملاقات دوران پاڪستان جي ڪمرشل هوابازي صنعت ۾ سيڙپڪاري جي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿي. پاڪس??ان حڪومت سيڙپڪارن جي لاءِ آسانيون پيدا ڪري رهي آهي، چاهيون ٿا ته پاڪس??ان سيڙپڪارن جي ترجيحي منزل هجي. وزيراعظم چيو ته سياحت جي فروغ لاءِ ٻاهرئين ملڪن مان ڪمرشل ايئر لائينز جي سيڙپڪاري کي ڀليڪار چئون ٿا.