اسلام آباد – 11 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب گڏيل قومن جي ا??ن مشن ۾ پاڪ فوج جي لانس نائيڪ عادل جان جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته پاڪستان امن سان محبت ڪندڙ ملڪ آهي، عا??مي امن ۽ استحڪام جي لاءِ هيستائين پاڪ فوج جا 161 جوان شهيد ٿي چڪا آهن. هن چيو ته پاڪستان جي 22 ڪروڙ عوام عا??مي امن قائم ڪرڻ جي لاءِ شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج جي جوانن کي سل??م پيش ڪري ٿي.