اسلام آباد – 14 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب ۽ واپڊا چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) محمد مزمل ۾ ملاقات ٿي، جنهن ۾ مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات دوران مملڪتي وزير فرخ حبيب ليفٽيننٽ جنرل (ر) محمد مزمل کي وڌيڪ 5 سالن جي لاءِ واپڊا چيئرمين مقرري تي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته وزيراعظم عمران خ??ن پا??ي ذخيرن جي منصوبن تي گهري دلچسپي وٺي رهيو آهي، پا??ي ذخيرن جي مختلف منصوبن تي واپڊا ڪم ڪري رهيو آهي. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان ڪراچي ۾ پيئڻ جي پاڻي جي ڪي – 4 منصوبي جو ٽاسڪ واپڊا کي ڏنو آهي. هن چيو ته پا??ي ذخيرن جا 10 منصوبا مڪمل ٿيڻ ??ان ملڪ ۾ هڪ ڪروڙ 28 لک 90 ايڪڙ فوٽ پا??ي ذخيرو ٿيندو، انهن منصوبن سان سستي پن بجلي جي پيداوار ۾ 9043 ميگاواٽ اضافو، 35 هزار کان وڌيڪ نوڪرين جا موقعا پيدا ٿيندا. هن چيو ته 70 سالن ۾ جيترو پا??ي ذخيرو ڪرڻ ۽ زمين کي سيراب ڪرڻ جا منصوبا لڳايا ويا، 13 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي انهن 10 پا??ي ذخيرن جي مڪمل ٿيڻ ??ان ذخيرو ٿي سگهندو.