اسلام آباد – 04 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته نبي ڪريم ﷺ پوري انسانيت جي لاءِ رحمت آهن، نبي آخرالز??ان ﷺ جي تعليم تي عمل پيرا ٿيڻ ۾ ئي ڪاميابي آهي، رحمت للعالمين اٿارٽي قائم ڪرڻ سان اس??امو فوبيا سميت مسل??ان امت کي درپيش موجوده چئلينجز کي منهن ڏيڻ ۾ مدد ملندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن رحمت للعالمين ﷺ اٿارٽي قائم ڪرڻ جي حوالي سان مسل??ان ملڪن جي سفيرن سان ملاقات ۾ ڪيو. ملاقات ۾ وزيراعظم عمران خان سفيرن کي رحمت للعالمين اٿارٽي جي ويزن ۽ مقصدن بابت آگاهه ڪيو. وزيراعظم عمران خان چيو ته نبي ڪريم ﷺ پوري انساني جي لاءِ رحمت آهن. پاڻ ﷺ اس??ام جي آفاقي پيغام کي پوري دنيا تائين پهچايو. هن چيو ته عدل ۽ انصاف، قانون جي حڪمراني، عوام جي ڀلائي ۽ علم حاصل ڪرڻ تي خاص ڌيان مديني جي رياست جا بنيادي اصول هئا. هن چيو ته حقيقي ترقي ۽ سماجي ڀلائي حاصل ڪرڻ جي لاءِ حضور نبي ڪريم ﷺ جي تعليم جو فهم ?? عملي زندگي ۾ انهن کي لاڳو ڪرڻ آهي. وزيراعظم چيو ته رحمت للعالمين اٿارٽي قائم ڪرڻ جو بنيادي مقصد گڏيل تحقيق ذريعي نوجوانن کي اس??ه حسنه ﷺ جي سمورن رخن کان روشناس ڪرائڻ، سوشل ۽ ڊيجيٽل ميڊيا جي متنوع اثرن جي زد ۾ آيل اس??امي تشخص، قدرن ۽ ثقافت جي تحفظ جي لاءِ ضروري مدد فراهم ڪرڻ آهي. هن چيو ته رحمت للعالمين اٿارٽي سڄي دنيا ۾ اس??امي اسڪالرز سان رابطو ڪندي، انهن سان مسل??ان نوجوانن کي دپيش موجوده مسئلن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي ۽ ان اٿارٽي قائم ڪرڻ سان جديد چئلينجز خاص طور تي اس??امو فوبيا جي حوالي سان ٺوس، منطقي ۽ علمي ردعمل ڏيڻ ۾ مدد ملندي. وزيراعظم اس??ام جي اصولن ۽ حقيقي تعليم موجب مسل??ان نوجوانن جي ڪردارسازي جي لاءِ اسڪولن ۾ اخلاقيات جي تعليم ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن نوجوان نسل جي شخصيت سازي ۽ طرز زندگي تي اثرانداز ٿيندڙ پرن??، ڊيجيٽل ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي اهميت تي پڻ روشني وڌي. وزيراعظم مسل??ان ملڪن جي سفيرن کي دعوت ڏني ته اهي ان سلسلي ۾ پنهنجا تعميري خيال ۽ راءِ پن پيش ڪن. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته ان مقصد جي لاءِ نه رڳو حڪومتي سطح تي پر مسل??ان ملڪن جي دانشورن ۽ علم سان واڳيل ماهرن جي وچ ۾ پڻ موثر حصيداري عمل ۾ آڻي سگهجي. سيشن ۾ شريڪ سفيرن وزيراعظم عمران خان پاران رحمت للعالمين اٿارٽي قائم ڪرڻ ۽ وزيراعظم عمران خان جي ڪوششن کي ساراهيو. هنن وزيراعظم عمران خان پاران هر عالمي فورم تي مسل??ان امت کي درپيش مسئلا اجاگر ڪرڻ ۽ انهن جو آواز بلند ڪرڻ کي پڻ ساراهيو ۽ ان سلسلي ۾ پنهنجي هر ممڪن تعاون جي خاطري ڪرائي.