اسلام آباد – 04 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان جي سياسي قيادت ۽ پاڪستاني قوم سريلنڪا جي شهري جي قتل جي سخت مذ??ت ڪري ٿي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ پرڏيهي وزير چيو ته اسان فوتي جي بهادر گهرڀاتين، سريلنڪا جي حڪومت ۽ عوام سان دل جي گهراين سان تعزيت جو اظهار ڪندي يق??ن ڏياريون ٿا ته ان واقعي ۾ ملوث ماڻهن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ??ين??و. هن چيو ته اهڙي قسم جي قدمن جو اسان جي مذ??ب ۽ ملڪ ۾ ڪو تصور نه آهي.