اسلام آباد – 10 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان سٽيزن پورٽل تي شهرين جي داخلا جي انگ ۾ رڪارڊ اضافو ٿيو آهي. وزيرا??ظم آفيس موجب وزيرا??ظم ڊيليوري يونٽ پاران ماهوار انگ اکر جاري ڪيا ويا آهن، پاڪستان سٽيزن پورٽل تي شهرين جو تعداد 37 لک ??ان ٽپي ويو آهي، پنجاب مان 22 لک، خيبرپختونخوا مان 6 لک ۽ سنڌ مان 5 لک شهرين کي پاڪستان سٽيزن پورٽل تي رجسٽرڊ ڪيو ويو آهي. بلوچستان مان 51 ه??ار جڏهن ته وفاق مان 77 ه??ار شهري رجسٽرڊ ٿيا، وزيرا??ظم آفيس موجب شهرين پاران پاڪستان سٽيزن پورٽل تي 4.4 ملين شڪايتون درج ڪيون ويون آهن، پاڪستان مان 42 لک ۽ اوورسيز پاڪستانين پاران 2 لک 15 ه??ار شڪايتون مليون آهن، پاڪستان سٽيزن پورٽل تي هن وقت تائين 40 لک شڪايتون اڪلايون ويون آهن، پاڪستان سٽيزن پورٽل جي ڪارڪردگي تي 46 سيڪڙو شهرين اطمينان جو اظهار ڪيو آهي