اسلام آباد – 14 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته درست عدالتي رپورٽنگ کانسواءِ عدليه جو وقار ۽ عوام جي بنيادي حقن جو تحفظ ممڪن نه آهي، عدليه جي ڪوريج ڪندڙ صحافي ملڪ ۾ ذميداراڻي صحافت جي فروغ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. اها ڳالهه هن ملاقات لاءِ آيل پريس ايسوس?? ايشن آف سپريم ڪورٽ جي وفد سان ڳالهائيندي چئي.
اطلاعات واري وزير پريس ايسوس?? ايشن آف سپريم ڪورٽ ??ي نون چونڊيل عهديدارن کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته عدالتي رپورٽنگ جي اهميت داخل ڪيل ڪيسن جيتري آهي، ڪيس داخل ٿيڻ کان پهرين درجنين معاملن ۾ عدالتون ميڊيا رپورٽس تي پاڻمرادو نوٽيس وٺنديون آهن. هن چيو ته غلط ۽ غير محتاط عدالتي رپورٽنگ سان نه رڳو عوام درست اطلاع جي حق کان محروم رهندي آهي پر قانون جي بالادستي ۽ عدليه جو وقار به متاثر ٿيندو آهي. وفاقي وزير چيو ته عدليه جو احترام سڀني تي لازمي آهي، جن خبرن تي عدليه نوٽيس وٺندي آهي انهن ??برن جو حقيقي هجڻ ضروري آهي. چوڌري فواد حسين چيو ته قانوني صحافت ۾ صحافت ۽ قانون ٻئي شامل هوندا آهن، عدليه جي ڪوريج ڪندڙ صحافين جي تر??يت ضروري آهي، ان ڏس ۾ حڪومت صحافتي تنظيمن سان گڏجي لائحه عمل جوڙيندي.
وفاقي وزير چيو ته صحافين کي تر??يحي بنيادن تي صحت ڪارڊز فراهم ڪري رهيا آهيون. ملاقات دوران اطلاعات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين پريس ايسوس?? ايشن آف سپريم ڪورٽ جي وفد جا مسئلا ٻڌا ۽ انهن ??ي حل جي خاطري ڪرائي. وفد ۾ پريس ايسوس?? ايشن آف سپريم ڪورٽ جو صدر راجا محسن اعجاز ۽ سيڪريٽري جنرل عديل سرفراز سميت ٻيا ميمبر شامل هئا.