اسلام آباد – 28 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪراچي جا پراڻا مسئلا ان وقت تائين حل نه ٿا ٿي سگهن جيستائين ڪراچ?? جي عوام جي چونڊيل مقامي حڪومت جا نمائندا آئين جي روح موجب مالي، سياسي ۽ انتظامي طور تي خودمختيار نه ٿين. وفاقي حڪومت آئين جي آرٽيڪل 140 اي تي ان جي روح موجب مڪمل عملدرآمد جي حامي آهي. وزيراعظم آفيس پاران جاري بيان موجب هن اٽارني جنرل کي هدايت ڪئي ته آرٽيڪل 140 اي تحت سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ داخل پٽيشن ??ي جلد ٻڌڻي ۽ فيصل?? جي لاءِ اعليٰ عدليه کي فو??ي طور تي درخواست ڪئي وڃي.