اسلام آباد – 30 جولاءِ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر ۽ ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري گولڙه شريف جي سجاده نشين پير سيد شاهه عبدالحق گ??لاني جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر پنهنج?? جدا جدا تعزيتي پيغامن ۾ گولڙه شريف جي سجاده نشين پير سيد شاهه عبدالحق گ??لاني جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪندي ڏکويل خاندان سان دلي همدردي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته پير سيد شاهه عبدالحق گ??لاني جي دين?? خدمتن ۽ عقيدتمند?? کي سدائين ياد رکيو ويندو.