اسلام آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار ۽ ڪشميرين تي ڀارتي ظلمن کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي سڄي ملڪ ۾ هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي وئي. گذريل هڪ سال کان ڀارتي غيرقانوني والاريل ڪشمير جي عوام کي بدترين دٻاءُ ۽ فوجي گهيراءُ درپيش آهي، 5 آگسٽ 2019ع تي ه??دستان پنهنجي آئين جي آرٽيڪل 35 اي ۽ 370 کي ملتوي ڪري ڇڏيو جنهن ڀارتي غيرقانوني والاريل ڪشمير کي ڏنل خصوصي حيثيت کي ڪالعدم قرار ڏنو جتي ڪشم??ري گڏيل قومن جي من??ور ٿيل قراردادن موجب پنهنجي خو??مختياري جي حق لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهن. سڄي ملڪ ۾ استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي عوام ڀرپور انداز سان شرڪت ڪئي ۽ ڪشمير سان پنهنجي والهاڻي محبت جو اظهار ڪيو، پوري ملڪ ۾ صبح 10 وڳي هر قسم جي ٽريفڪ جي چرپر پڻ رڪجي وئي. مختلف سياسي ۽ مذهبي پارٽين پ??ران ريلين ۽ جلسن جو پڻ اهتمام ڪيو ويو جنهن ۾ مقررين ۽ شرڪت ڪندڙن عالمي برادري کان مطالبو ڪيو ته ڪشميرين کي خو??مختياري جو حق ڏيڻ جي لاءِ ٺوس قدم کنيا وڃن ۽ ڪشمير جي مظلوم عوام کي انهن جي مرضي موجب جيئڻ جو حق ڏنو وڃي.