قانون موجب ڪارروائي جاچ ادارن جو حق آهي: سيد علي ظفر

image
APP31-05 ISLAMABAD: July 05 – Federal Minister for IBNH&LH Syed Ali Zafar addressing at Seminar on National Literature at Academy of Letters. APP photo by Irfan Mahmood

اسلام آباد – 05 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي تاريخ ۽ ادبي ورثي واري وفاقي وزير بئريسٽر سيد علي ظفر چيو آهي ته قانون موجب ڪارروائي جاچ ادارن جو حق آهي، اهي ڪارروايون چونڊن تي اثرانداز نه ٿينديون، جيڪڏهن ڪنهن کي جاچ ادارن جي ڪارروائي سان اختلاف آهي ته اهو اعليٰ عدليه سان رجوع ڪري سگهي ٿو. هو اڪيڊمي ادبيات پاڪستان جي اهتمام هيٺ پاڪستابي ادب جا 70 سال جي موضوع تي قومي ادبي سيمينار کي خطاب ۽ بعد ۾ صحافين سان ڳالهائي رهيو هو. وفاقي وزير سيد علي ظفر هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته اسان پوري قوم کي يقين ڏياريون ٿا ته 25 جولاءِ 2018ع تي ئي عام چونڊون ٿينديون، نگران حڪومت جي اها ذميواري آهي ته ايندڙ عام چونڊن کي صاف، شفاف، پرامن ۽ غيرجانبداراڻو بڻايون. هن چيو ته جيڪڏهن ڪو به جاچ ادارو قانون ۽ آئين موجب ڪارروايون ڪري رهيو آهي ته اهو ان جو حق آهي، جيڪڏهن ڪنهن کي جاچ ايجنسي کان ڪا شڪايت آهي ته اهو هاءِ ڪورٽ يا سپريم ڪورٽ جي فورم سان رجوع ڪري سگهي ٿو.

مضمون کا ماخذ : لاٹری کا ٹکٹ کیسے خریدیں