اسلام آباد – 03 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي خصوصي ماڻهن کي معاشري جو فعال شهري بڻائڻ جي حوالي سان گڏيل ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ??ه مديني جي رياست محروم ۽ ڪمزور طبقن جي ڀلائي سان واڳيل آهي، موجوده ح??وم?? انهي رخ ۾ گامزن آهي، احساس پروگرام تحت سروي سان خصوصي ماڻهن جي انگ ۽ معذوري جي نوعيت بابت مڪمل تفصيل حاصل ٿي??دا جنهن سان انهن جي ڀلائي بابت بهتر منصوبابندي ڪرڻ ۾ مدد ملندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن خصوصي ماڻهن جي عالمي ڏهاڙي جي حوالي سان تقريب کي خ??اب ڪندي ڪيو.