اسلام آباد – 20 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمر??ن خان عالمي برادري تي واضح ڪيو آهي ته جيڪڏهن ڀارت پاران پاڪستان جي خلاف جعلي فليگ آپريشن جي بيوقوفي ڪئي وئي ته ان جو هر سطح تي ڀرپور جواب ڏنو ويندو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ڀارت پاران 2020ع ۾ لائن آف ڪنٽرول ۽ ورڪنگ بائونڊري تي سيز فائر جون ٽي ??زا?? خلاف ورزيون ڪيون ويون آهن، هروڀرو ۽ ڄاڻي واڻي شهرين کي نشانو بڻائڻ جي نتيجي ۾ 276 ماڻهو م??رجي چڪا آهن، جنهن مان 92 عورتون ۽ 68 ٻار شامل آهن، وزيراعظم عمر??ن خان چيو ته گڏيل قومن جي پاڪستان ۽ انڊيا بابت فوجي مبصر گروپ جي گاڏي کي ڄاڻي واڻي نشانو بڻائڻ عالمي قانونن جي خلاف ورزي آهي، ان گاڏي تي گڏيل قومن جو واضح نشان ۽ ني??و جهنڊو ڦڙڪي رهيو هو، ڀارت جو اهو قدم ڪنهن به ذميدار رياست جي قدرن، عالمي ۽ گڏيل قومن جي قانونن کان منهن موڙڻ جي برابر آهي.