اسلام آباد – 19 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان سڀني دوست ملڪن سان واپار، سيڙپڪاري، دفاع ۽ ثقافتي تعاون وڌائڻ جو خواهشمند آهي، پرڏيهي سيڙپڪارن کي ملڪ جي سيڙپڪار دوست ماحول مان فا??دو کڻڻ جيِ ضرورت آهي، عالمي برادري ڀارت کي عالمي قانونن جون خلاف ورزيون روڪڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار هن م??تلف ملڪن جي سفيرن سان ملاقات دوران ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي ڪوريا، نيپال، بيلاروس جي رهواسي ۽ آئيرلينڊ، ڪوسوو، مالي ۽ سيراليون جي غير رهائشي نامزد سفيرن س??دون پيش ڪ??ون، سفيرن صدر سان ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون ان موقعي تي صدر سفيرن کي مبارڪباد ڏني.