وزيراعظم پاران سنڌ خاص طور تي ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ملڪ جي باقي حصن جي ڀيٽ ۾ ضرورت جي شين جي وڌندڙ قيمتن تي ڳڻتي جو اظهار

image
APP53-231121 ISLAMABAD: November 23 - Federal Minister for Planning Asad Umar and Ghous Ali Shah called on Prime Minister Imran Khan. APP

اسلام آباد – 23 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سنڌ خاص طور تي ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ملڪ جي باقي حصن جي ڀيٽ ۾ ضرورت جي شين جي وڌندڙ قيمتن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم هائوس جي ميڊيا آفيس پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم سان پي ٽي آءِ اڳواڻ غوث علي شاهه ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ منصوبابندي وارو وفاقي وزير اسد عمر پڻ شريڪ هو. ملاقات ۾ سنڌ جي سياسي صورتحال ۽ وفاقي حڪومت جي جاري ترقياتي منصوبن تي ڳالهه ٻولهه ٿي. ان کانسواءِ وزيراعظم سنڌ خاص طور تي ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ملڪ جي باقي حصن جي ڀيٽ ۾ ضرورت جي شين جي وڌندڙ قيمتن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو.

مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کا ٹکٹ