اسلام آباد – 15 – مارچ (اي پي پي) اط??اع??ت ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته اسان جي سياست جو بنيا?? جمهوريت آهي، عوام جي راءِ اسان جي لاءِ مقدم آهي، اسلام آباد ۾ جلسي جو مقصد ٽڪراءُ نه آهي، تحريڪ انصاف هڪ جمهوري پارٽي آهي، اسان شدت پسندي جي سياست ناهيون ڪندا، نه ئي ٽڪراءُ تي يقين رکون ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار اط??اع??ت ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ڪيو، چوڌري فواد حسين چيو ته چوڌري شجاعت صاحب معتبر شخصت آهي، وزيراعظم چوڌري صاحب کي سدائين عزت ڏني آهي، جمهوريت ۾ عوام جي راءِ اصل فيصلو آهي ۽ جلسا ان راءِ جي اظهار جو هڪ اهم ذريعو آهن، جيڪڏهن مخالف ڌر پرامن جلسو ڪرڻ چاهي ٿي ته ان جلسي کي به ڀليڪار چئون ٿ?? ۽ ??ر ??رح جي سهولت ڏينداسين.