اسلام آباد – 30 – اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز ا??رف لاهور هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي پنجاب جي نئين ??ونڊيل وڏي وزير ميان محمد حمزه شهباز شريف کان سندس عهدي جو ح??ف ورتو، حلف بردار?? تقريب گورنر هائوس لاهور ۾ منعقد ٿي، حلف بردار?? تقريب ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرن جو وڏو تعداد موجود هو، تقريب کانپوءِ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز ا??رف مزار اقبال تي حاضري ڏني ۽ گلن جي چادر چاڙهي ۽ فاتحه خواني ڪئي، واپسي کان اڳ راجا پرويز ا??رف حضرت داتا گنج بخش رحمته عليه جي درٻار تي حاضري ڏني ، فاتحه خواني ڪئي ۽ ملڪ جي سلامتي، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ خصوصي دعا گهري اُن کان اڳ قومي اسيمبلي جو اسپيڪر راجا پرويز ا??رف پنجاب جي نئين ??ونڊيل وڏي وزير ميان محمد حمزه شهباز شريف کان ح??ف وٺڻ لاءِ لاهور پهتو، قومي اسيمبلي سيڪريٽري موجب لاهور ايئرپورٽ تي صوبائي انتظاميه پاران سندس والهاڻو استقبال ڪيو ويو