اسلام آباد – 10 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چي?? آهي ته عمران نيازي مسلسل آئين شڪني جو مرتڪب ٿي رهيو آهي، پنجاب ۾ ٻيهر آئين شڪني جي سازش ڪئي پئي وڃي، گزريل چار سال ناقص پاليسين جي ڪري زرعي جنسن جي پيداوار متاثر ٿي، کاڌي پيتي جي شين جي قيمتن کي ??انيٽر ڪيو پيو وڃي، ملڪ ۾ طلب موجب کنڊ جو ذخيرو موجود آهي، کنڊ جي برآمد تي پابندي هنئي وئي آهي ته جيئن عوام کي سست?? کنڊ جي فراهمي يقيني بڻائي سگهجي، ڪابينا کي ??لڪ ۾ لوڊشيڊنگ ۽ ضرورت جي شين جي قيمتن بابت پڻ آگاهه ڪيو ويو، پهريون ڀيرو دوست ملڪن وٽ هڪ اهڙو اسٽريٽجڪ پلان کڻي وياسين جيڪو رڳو گرانٽ تي ٻڌل نه آهي پر پاڪستان جي عوام لاءِ پراجيڪٽس، روزگار ?? ريليف جي پوري ويزن تي ٻڌل آهي. وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏيندي هن چي?? ته ڪابينا جي اجلاس ۾ وزيراعظم سعودي عرب ۽ يو اي اي جي دوري جي حوالي سان تفصيلن کان آگاهه ڪيو. هن چي?? ته پهريون ڀيرو اسان دوست ملڪن سان هڪ اهڙو اسٽريٽجڪ پلان کڻي ويا آهيون جيڪو رڳو گرانٽ تي ٻڌل نه آهي پر پاڪستان جي عوام جي لاءِ پراجيڪٽس، روزگار ?? ريليف جي هڪ پوري ويزن تي ٻڌل آهي. هن چي?? ته عيد واري ڏينهن يو اي اي مان اقتصادي ماهرن جو وفد پڻ پاڪستان آيو، اسان جي اقتصادي، توانائي ۽ پاور جون ٽيمون انهن منصوبن تي ڪم ڪري رهيون آهن، عوام کي آگاهه ڪنداسين ته ڪهڙا ڪهڙا منصوبا سعودي عرب ۽ يو اي اي سان گڏ مڪمل ڪيا ويندا. هن چي?? ته توانائي واري وفاقي وزير ڪابينا کي ??لڪ ۾ بجلي جي صورتحال جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني، ٽرانسميشن، لوڊشيڊنگ تي مڪمل ٺوس حڪمت عملي جوڙي وئي آهي. هن چي?? ته حڪومت عوام کي ريليف ڏيڻ چاهي ٿي، گذريل چار سال دوران ڪڻڪ جي پوکيءَ دوران ڪي مراعتون نه ڏنيون ويون، 2018ع ۾ ڊي اي پي جي ٻوري 2600 رپين جي هئي جيڪا هن وقت 10 هزار رپين ۾ ملي رهي آهي، جنهن وقت ڪڻڪ جي پوکيءَ ٿي رهي هئي ان وقت ڊي اي پي دستياب ئي نه هئي. هن چي?? ته ملڪ جي اندر ڪڻڪ جي صورتحال ڏسندي ڪابينا ٽي ملين ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ درآمد ڪرڻ جي اجازت ڏني آهي، جيڪا هڪ مخصوص مدي جي لاءِ هوندي. هن چي?? ته 2018ع ۾ جڏهن مسلم ليگ (ن)جي حڪومت ختم ٿي، ان وقت پاڪستان ڪڻڪ ايڪسپورٽ ڪري رهيو هو. هن چي?? ته وزيراعظم غذائي تحفظ واري وفاقي وزير کي ??دايت ڪئي آهي ته فوري طور تي اهڙو پلان جوڙيو وڃي جنهن تحت نه رڳو ڪڻڪ جي پيداوار ۾ اضافو ٿئي پر پاڪستان ڪڻڪ برآمد ڪري سگهي. هن ٻڌايو ته محمد سعود ڊائريڪٽر انڊسٽريل اينڊ ڪمرشل ريليشن شپ کي بطور ميمبر پاڪستان آرڊيننس فيڪٽري مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي، جڏهن ته ڪابينا ايڊمرل (ر) سلمان الياس کي ايم ڊي شپ يارڊ انجنيئرنگ ورڪس جي ڊائريڪٽر طور مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني. هن ٻڌايو ته ڪابينا 1974ع جي پاسپورٽ ايڪٽ تحت هڪ کان وڌيڪ غيرملڪي پاسپورٽس کي رد ڪرڻ جي پڻ منظوري ڏني. ڪابينا فيصلو ڪيو ته اهڙن پاسپورٽس کي ??ه رڳو رد ڪيو وڃي پر اڳتي ان جي روڪٿام جي لاءِ حڪمت عملي اختيار ڪئي وڃي. اطلاعات واري وفاقي وزير چي?? ته ٻه پاسپورٽس رد ڪرڻ جي آخري تاريخ 31 ڊسمبر 2022ع مقرر ڪئي وئي آهي، ان وقت تائين پروسيجرل ۽ انتظامي معاملا مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. هن ٻڌايو ته ڪابينا اقتصادي رابطا ڪميٽي جي 9 مئي جي اجلاس جي فيصلن جي توثيق ڪئي. رمضان پئڪيج تحت اٽي ۽ کنڊ جي مقرر ڪيل اگهن کي اڳتي به جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو، 20 ڪلو اٽي جو ٿيلهو 950 رپين مان گهٽ ڪري 800 رپيا ڪيو ويو هو، اهڙي طرح کنڊ 85 رپيا ڪلو مان 70 رپيا في ڪلو ڪئي وئي هئي. هن ٻڌايو ته ڪابينا منظوري ڏني آهي ته انهي ريٽ تي انهن شين جي قيمتن کي برقرار رکيو وڃي. هن چي?? ته ڪابينا پاڪستان جي عوام کي ريليف جي فراهمي جي هدايت ڪئي آهي. هن ٻڌايو ته وفاقي ڪابينا فواد اسد الله خان کي ڊي جي آءِ بي مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني، ڪابينا ليفٽيننٽ جنرل مزمل حسين جي چيئرمين واپڊا جي عهدي تان استعيفيٰ منظور ڪري ورتي آهي، ميمبر فنانس واپڊا کي چيئرمين واپڊا جي مقرري جو پراسيس مڪمل ٿيڻ تائين چيئرمين واپڊا جي عهدي جي اضافي چارج ڏني وئي آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چي?? ته عمران خان پاران پنجاب جي اندر ٻيهر آئين شڪني ڪئي پئي وڃي، عمران خان جي آئين شڪني ۾ غنڊه گردي به شامل آهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته وزيراعظم کنڊ جي ايڪسپورٽ تي مڪمل پابندي لڳائي ڇڏي آهي، هن وقت کنڊ جو ذخيرو ڊيمانڊ موجب موجود آهي، ڊيمانڊ 16 هزار ٽن ڏهاڙي آهي. هن چي?? ته گذريل دور ۾ کنڊ ايڪسپورٽ ڪري مصنوعي کوٽ پيدا ڪئي وئي، کنڊ جي قيمت 52 رپيا ڪلو هئي جنهن کي ايڪسپورٽ ڪري ٻيهر برآمد ڪيو ويو ۽ اهڙي طرح کنڊ جي قيمت 120 رپيا ڪلو ڪري عوام تي مهانگ?? کنڊ جو بار وڌو ويو. هن چي?? ته ڪمند جي نئين پوکيءَ به ٿي آهي، ان سان به کنڊ سسٽم ۾ ايندي. هن ٻڌايو ته کنڊ برآمد ڪرڻ تي پابندي هڻڻ جو مقصد کنڊ جي قيمت کي عوام جي لاءِ سستو ڪرڻ آهي جنهن ۾ صوبا به اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. هن چي?? ته مناسب ذخيرو موجود هجڻ جي باوجود اها پابندي هنئي وئي آهي ته جيئن عوام کي سست?? کنڊ فراهم ڪري سگهجي جيڪو وزيراعظم جو اهم قدم آهي. هڪ سوال تي هن چي?? ته مسلم ليگ (ن) جا ماڻهو نجي دوري تي پنهنجي قائد نواز شريف سان ملڻ جي لاءِ وڃي رهيا آهن، پارٽيز جي اندر مشاورت جو سلسلو جاري رهي ٿو، جيڪي بيروزگار سياسي تيم ڳالهيون ڪري رهيا آهن انهن جي پنهنجي پارٽي ۾ مشاورت جو سلسلو ناهي ٿيندو، اتي هڪ شخص جي ضد، تڪبر ۽ فيصلي جي ذريعي پوري پارٽي ان جي حڪم جي تابع هوندي آهي، انهن ملڪ جي اندر آئين شڪني ج?? تماشو لڳائي رکيو آهي، رڳو ڪوڙ ۽ ٻاهرئين ملڪ سازش جي ڪوڙي بيانيي کانسواءِ انهن وٽ پنهنجي ڪارڪردگي ڏيکارڻ جي لاءِ ڪجهه نه آهي. هن چي?? ته مسلم ليگ (ن) جي اندر مشاورت جو سلسلو جاري رهي ٿو، ڪجهه مانهو بي مقصد تنقيد ڪري رهيا آهن، اسان پاڪستان جي عوام جي لاءِ جيڪو بهتر هوندو اهو ڪنداسين. هڪ سوال تي هن چي?? ته 3 اپريل کان 11 اپريل تائين هڪ شخص جي حڪم تي صدر، اسپيڪر، ڊپٽي اسپيڪر، پنجاب جي گورنر آئيني اختيارن جو ناجائز استعمال ڪيو جيڪو پاڪستان جي آئين تي حملو آهي، اها آئين شڪني ڪهڙي طرح به برداشت نه ٿي ڪري سگهجي، ان تي ڪابينا ۾ تفصيلي مشاورت ٿي آهي. قانون اوري وزارت کي به هدايت ڪئي وئي آهي ته ان جو خاتمو ڪيو وڃي ته اڳتي ڪير آئين شڪني جي جرئت نه ڪري سگهي. هن چي?? ته رمضان المبارڪ دوران ٽن شين کنڊ، اٽي، گيهه جي قيمتن کي ??انيٽر ڪرڻ جو مڪينزم ٺاهيو ويو، عمران نيازي تڪبر، اناءَ ۽ گهمنڊ ۾ ايترو ڦاٿل هو جو هو صوبن سان ڳالهه ڪرڻ به گوارا نه ٿو ڪري، گذريل چار سال وکريل گورننس سسٽم هو، اسان ان سڀ کي گڏ ڪيو آهي. هن چي?? ته وزيراعظم شهباز شريف پهرين هفتي دوران پاڪستان جي عوام کي ريليف فراهم ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪيون. اڄ پاڪستان جي عوام جي خوش قسمتي آهي جو اتحادي حڪومت ۾ سمورن صوبن جي نمائندگي موجود آهي، عوام کي تمام جلد هڪ کانپوءِ ٻي خوشخبري ملندي. هن چي?? ته وزيراعظم پاڻ سمورين حالتن جو جائزو قوم آڏو پيش ڪندو. هن چي?? ته اسان اڳوڻي حڪومت کي ڊيمانڊ موجب بجلي ڇڏي وياسين، مهانگائي ٽي سيڪڙوتي ڇڏي ويا هئاسين، سي پيڪ ڏئي وياسين پر انهن انهن جو ٻيڙو غرق ڪيو، انهن ڪارٽلز ۽ مافياز سان گڏجي پاڪستان جي عوام کي ڦريو، انهن وٽ اڄ پنهنجي ڪارڪردگي ڏيکارڻ جي لاءِ ڪجهه نه آهي، انهي لاءِ اهي ڪوڙو سازشي خط لهرائي رهيا آهن. انهن وٽ ڪارڪردگي ڏيکارڻ جي لاءِ ڪجهه هجي ها ته اڄ اهي پاڪستان جي عوام کي ??ڌائي سگهن ها ته اسان ڪيتري مهانگائي گهٽ ڪئي، ڪيترو روزگار ڏنو، ڪيترا منصوبا لڳايا، ڪيتريون اسپتالون ۽ اسڪول ٺاهيا، ڪيتري بجلي ٺاهي پر انهن جي ڪارڪردگي جو صفحو خالي آهي انهي لاءِ اهي ڪوڙو خط لهرائي رهيا آهن. هن چي?? ته وزيراعظم شهباز شريف تمام جلد قوم کي خطاب ڪندو ۽ اهي سموريون حقيقتون قوم آڏو رکندو. هڪ سوال تي هن چي?? ته صحافين جي پگهارن جي ادائيگي ۽ رهتن جي ايشوز تي جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، پي آءِ ڊي جي اندر اسان ريفارمز آڻي رهيا آهيون ته جيئن ڪنهن به اداري جي رهتن کي ??حدود مدي جي اندر ڪليئر ڪيو وڃي. هن چي?? ته هوءَ ٻه ڏينهن پي آءِ ڊي ۾ اچي ويهندي آهي، اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا تي ڪا پابندي نه آهي، اهي جڏهن چاهين منهنجي آفيس ۾ سڌوسنئون اچي ملي سگهن ٿا. هن چي?? ته گذريل چار سال دوران صحافين، ورڪنگ جرنلسٽس، ڪئميره مينن، رپورٽرز جي حالتن کان چڱي ريت واقف آهيان، ان معاملي جي پان نگراني ڪري رهيا آهيان، ميڊيا مالڪن سان گڏجي هڪ حڪمت عملي ٺاهينداسين ته جيئن ڪو صحافي ظلم جو شڪار نه ٿئي.