پاڪستان ۽ ايران جي خابرو ادارن اي پي پي ۽ ارنا ۾ مفاهمت جي ياداشت تي صحيحون

image
APP50-180822 ISLAMABAD: August 18 - Managing Director Associated Press of Pakistan Akhtar Munir and Ambassador of Islamic Republic of Iran to Pakistan, Mohammad Ali Hosseini signing MoU between APP & IRNA for media cooperation and news exchange. APP photo by Saleem Rana

اسلام آباد – 18 – آگسٽ (اي پي پي) قومي خابرو اداري ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) ۽ ايراني خابرو اداري اسلامڪ ريپبلڪ نيوز ايجنسي (ارنا) ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ميڊيا جي شعبي ۾ تعاون جي فروغ بابت مفاهمت جي ياداشت تي صحيحون ڪري ڇڏيون. اي پي پي جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر اختر منير ۽ پاڪستان ۾ ايران جي سفير محمد علي حسيني منعقد تقريب ۾ پنهنجي پنهنجي ملڪن جي قومي خابرو ادارن پاران مفاهمت جي ياداشت تي صحيحون ڪيون. واپار وارو وفاقي وزير سيد نويد قمر ۽ دوري تي موجود ايران جي رستن ۽ شهري ترقي وارو وزير رسم قاسمي پڻ ان موقعي تي موجود هئا. مفاهمت جي ياداشت تحت ٻئي خابرو ادارا خبرن، وڊيوز ۽ تصويرن جي مٽاسٽا کانسواءِ هڪ ٻئي جي تجربن مان فائدو کڻڻ جي لاءِ اسٽاف جي گڏيل پيشيواراڻي تربيت جو اهتمام پڻ ڪندا.

مضمون کا ماخذ : ایزٹیک واریر شہزادی