بيجنگ – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارال??ق ڪاڪڙ ۽ چين جي ڪميونسٽ پارٽي جي پولٽ بيورو جي اسٽينڊنگ ڪميٽي ج?? ميمبر ۽ س?? پي سي ج?? ڊسپلين انسپيڪشن بابت مرڪزي ڪميشن جي سيڪريٽري لي شي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سياسي ۽ اقتصادي لاڳاپن جي فروغ، اقتصادي تعاون خاص طور تي سي پيڪ تي ڀرپور طريقي سان ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارال??ق ڪاڪڙ جي چين جي ڪميونسٽ پارٽي جي پولٽ بيورو جي اسٽينڊنگ ڪميٽي ج?? ميمبر ۽ س?? پي سي ج?? ڊسيپلين انسپيڪشن بابت مرڪزي ڪميشن جي سيڪريٽري لي شي سان ڪالهه اربع ڏينهن بيجنگ ۾ ملاقات ٿي. نگران وزيراعظم انوارال??ق ڪاڪڙ لي شي کي چين پاران ٽئين بيلٽ اينڊ روڊ فورم جي شاندار انعقاد تي مبارڪباد ڏني ۽ کيس پولٽ بيورو اسٽينڊنگ ڪميٽي ج?? ميمبر چونڊجڻ تي پڻ مبارڪباد ڏني. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ سياسي ۽ اقتصادي لاڳاپا وڌائڻ جي عزم جو ??رجاءُ ڪيو ۽ ٻنهي ملڪن جي اهم معاملن تي بنا مشروط تعاون تي اتفاق ڪيو. هن اقتصادي تعاون خاص طور تي چين پاڪستان اقتصادي لنگهه جي تعمير تي نئين جوش ۽ جذبي سان ڀرپور ڌيان ڏيڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. ملاقات ۾ چين جي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ج?? ڪاٿي کي وڌائڻ جي قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. انهن شعبن ۾ انفارميشن ۽ ڪميونيڪشن ٽيڪنالاجي، کاڻين جي کوٽائي ۽ معدنيات، انفراسٽرڪچر ۽ زراعت جي شعبن ۾ سيڙپڪاري ۾ اضافي سان گڏوگڏ صنعتي تعاون ۽ خصوصي اقتصادي زونز جي تعمير شامل آهي. نگران وزيراعظم انوارال??ق ڪاڪڙ ۽ لي شي ڪرپشن جي خاتمي ۽ مالي نظم ۽ ضبط تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. نگران وزيراعظم لي شي کي پاڪستان حڪومت جي شفافيت ۽ حصيداري گورننس جي لاءِ کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو ۽ چين جي ان حوالي سان تجربن مان فائدو کڻڻ دلچسپي ج?? اظهار ڪيو.