بيجنگ – 19 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران و??يراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آ??ي ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي عمل کي آسان بڻائڻ جي لاءِ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جو قيام عمل ۾ آندو ويو آ??ي ۽ حڪومت سيڙپڪارن کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن چين جي دوري دوران من ميٽلز جي چيئرمين وينگ زو ليانگ ۽ ميٽالرجيڪل ڪوآپريشن آف چائنا جي چيئرمين چن جيانوانگ سان ڳالهائيندي ڪيو، جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۾ کاڻين جي کوٽائي ۽ معدنيات جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ٻنهي ڪمپنين پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو. نگران و??يراعظم شرڪت ڪندڙن کي حڪومت جي ڪاروبار دوست پاليس??ن بابت آگاهه ڪيو. نگران و??يراعظم شريڪ ٿيندڙن کي خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل بابت آگاهه ڪيو ۽ ٻڌايو ته حڪومت ???هول آف دي گورنمينٽ اپروچ“ جي تحت پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي.