اسلام آباد – 26 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪ?? چيو آهي ته ڀارت 27 آڪٽوبر 1947ع کان ڀارتي غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ پن??نج?? غاصباڻو قبضو برقرار رکيو اچي، ڪشميرين جا ٽي نسل دنيا خاص طور تي گڏيل قومن جي غيرجانبداراڻي ريفرنڊم جي پن??نج?? واعدي کي پورو ڪرڻ جو انتظام ڪري رهيا آهن، عالمي برادري هاڻي پن??نج?? ذميواري کان اکيون نٿي ٻُوٽي سگهي، ڀارتي حڪومت کي 5 آگسٽ 2019ع جي هڪطرفي ۽ غيرقانوني قدمن کي واپس وٺڻ گهرجي. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ 27 آڪٽوبر 2023ع ??ي ڏينهن جي مناسبت سان ”ڪاري ڏينهن“ جي موقعي تي پن??نج?? پيغام ۾ چيو ته اڄ ڄمون ۽ ڪشمير جي وڏي حصي تي ڀارت جي غاصباڻي قبضي کي 76 سال مڪمل ٿي ويا. 27 آڪٽوبر 1947ع تي ڀارت پهريون ڀيرو پن??نج?? فوج کي ڀارتي غيرقانوني طور تي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ لاٿو. تڏهن کان اڄ تائين ڀارت ان علائقي تي زبردستي قبضو جاري رکيو آهي. هن چيو ته گذريل 76 سالن ۾ ڀارت ڄمون ۽ ڪشمير تي پن??نج?? غيرقانوني حڪمراني کي برقرار رکڻ جي لاءِ مختلف حربا آزمايا آهن جڏهن ته ڀارت 5 آگسٽ 2019ع کان هڪ ڪڌي مهم شروع ڪئي آهي جنهن تحت ڪشميرين کي انهن جي پن??نج?? سرزمين ۾ هڪ بي اختيار رهواسين ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪڌي سازش زورن تي آهي. ڀارت انهن ڪڌي ارادن کي عملي جامعو پارائڻ جي لاءِ ڪيترائي قدم کنيا آهن جهڙوڪ چونڊ تڪن ۾ ڦيرڦار، چونڊ فهرستن ۾ غيرڪشميرين جو اضافو، ڪشمير کان ٻاهر جي ماڻهن کي ڊوميسائيل سرٽيفڪيٽ جاري ڪرڻ ۽ زمينن ۽ جائيدادن جي ملڪيت بابت نوان قانون متعارف ڪرائڻ آهي، اهي غيرجمهوري ۽ غيرقانوني قدم گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن ۽ چوٿين جنيوا ڪنوينشن جي سڌوسنئون خلاف ورزي آهي. نگران وزيراعظم چيو ته اڄ ڪشمير دنيا جو هڪ اهڙو خطو آهي جتي سڀ کان وڌيڪ قابض فوج م??رر آهي، ڪشمير?? عوام جا حقيقي نمائندا سالن کان اڻڄاتل مدي تائين گهيري ۾ آهن، ڏاڍ کي لڪائڻ ۽ اختلاف راءِ کي دٻائڻ جي لاءِ ميڊيا تي پابنديون وڏي پئماني تي مڙهيون پيون وڃن. هن چيو ته گذريل ٽن ڏهاڪن دوران هزارين بيگناهه ڪشميري مرد، عورتون ۽ ٻار ڀارتي ڏاڍ جي ڪري پن??نج??ن حياتيون وڃائي چڪا آهن جڏهن ته ڀارت ڪشميرين جي خودمختياري جي حق جي جدوجهد کي دٻائڻ ۾ ناڪام رهيو آهي. انوارالحق ڪاڪ?? چيو ته وچ اوڀر ۾ ٿيندڙ تازه ترين اڳڀرائي مان واضح ٿي ويو آهي ته وڏي عرصي کان حل طلب تڪرار عالمي امن جي لاءِ مسلسل خطرو آهن، ڪشميرين جا هڪ ٻئي پٺيان ٽي نسل دنيا خاص طور تي گڏيل قومن جي غيرجانبداراڻي ريفرنڊم جي پن??نج?? واعدي کي پورو ڪرڻ جو انتظار ڪري رهيا آهن، عالمي برادري هاڻي پن??نج?? ذميواري کان اکيون نٿي ٻُوٽي سگهي. هن چيو ته عالمي برادري کي ڀارت کي ڀارتي غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ٿيندڙ زيادتين جو جوابده قرار ڏيڻ جي لاءِ عملي قدم کڻڻ گهرجن، ڀارتي حڪومت کي 5 آگسٽ 2019ع جي هڪطرفي ۽ غيرقانوني قدمن کي واپس وٺڻ گهرجي، ڀارت کي ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين کي روڪڻو پوندو ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن تي عملدرآمد ڪرائڻو پوندو. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان سدائين وانگر پن??نج?? ڪشميري ڀائرن سان گڏ بيٺل آهي، پاڪستان ڪشميرين جي فتح نه ٿيڻ جوڳي خودمختياري جي حق کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ انهن جي منصفاڻي جدوجهد جي لاءِ پن??نج?? مڪمل اخلاقي، سفارتي ۽ سياسي حمايت جاري رکندو.