اسلام آباد – 24 – نومبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ سوئيڊن ٻطرفي تعاون جي رفتار تي اعتماد جو اظهار ڪندي ايندڙ سال پاڪستان ۽ سوئيڊن سفارتي لاڳاپا قائم ٿيڻ جي 75 هين سالگرهه ملهائڻ، ٻطرفين ڳالهين، گڏيل رابطن ۽ تعاون کي فروغ ڏيڻ تي اتفاق ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب پاڪستان ۽ سوئيڊن جي ٻطرفي سياسي مشاور?? جو 17 هون دور اسٽاڪ هوم ۾ ٿيو. ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري (يورپ)، سفير شفقت علي خان پاڪستاني وفد جڏهن ته سوئيڊن پاران ڊائريڪٽر جنرل ۽ گلوبل ڊپارتمينٽ جي سربراهه ڊيگ جوهلن ڊينفيلٽ ۽ وقتي هيڊ آف ڊپارٽمينٽ فار ايشيا اينڊ پيسفڪ آسڪر سلائيٽ گڏيل قيادت ڪئي. سوئيڊن جي پرڏيهي وزارت سفير شفقت خان پرڏيهي معاملن بابت سيڪريٽري جان ناٽسن سان پڻ ملاقات ڪئي. ڌرين سياسي، اقتصادي، واپاري، سيڙپڪاري ۽ تعليم سميت ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن شعبن جو جائزو ورتو. ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري يورپي يونين جي صدار?? جو مدو ڪاميابي سان مڪمل ڪرڻ تي سوئيڊن کي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته پاڪستان قابل تجديد توانائي، سسٽين ايبل ٽيڪنالاجيز، ويسٽ مئنيجمينٽ، آئي سي ٽي ۽ آر اينڊ ڊي ۾ تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جو خواهشمند آهي. هن وڌيڪ سوئيڊش ڪمپنين پاران پاڪستان ۾ ڪاروبار جي ??اء?? سازگار ماحول ??ان فائدو کڻڻ جي آجيان ڪئي ۽ سوئيڊن جي عملدارن مضبوط اقتصادي ۽ سياسي تعاون تي ٻڌل وسيع البنياد ٻطرفا لاڳاپا قائم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي ڌرين اهم علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ان موقعي تي سفير شفقت علي خان سوئيڊن کي افغانستان ۽ ڀارت سميت ڏکڻ ايشيا ۾ سلامتي جي صورتحال تي بريفنگ ڏني جنهن ۾ ڀارت جي غيرقانوني طور تي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين کي اجاگ?? ڪيو ويو. سوئيڊن پاڪستان کي يورپي يونين جي صدارت، نورڊڪ ريجن ۽ اسلامو فوبيا کي منهن ڏيڻ ۽ بين المذاهب هم آهنگي جي فروغ جي ??اء?? کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو. ٻنهي ڌرين گڏيل قومن سميت عالمي فورمز تي تعاون جي سطح تي اطمينان جو اظها?? ڪيو ۽ هڪ ٻئي جي حمايت جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو. هنن ٻطرفي لاڳاپن جي رفتار کي برقرار رکڻ جي ??اء?? ويجهي رابطي ۾ رهڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. پاڪستان سوئيڊن ٻطرفي سياسي مشاور?? جو ايندڙ دور اسلام آباد ۾ ٿيندو.