اسلام آباد – 05 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته تعميراتي شعبي جي لاءِ مراعاتي پئڪيج ۽ صنعت جو د??جو ڏيڻ سان ٻين صنعتن کي هٿي ملندي، وزيراعظم جو اهو قدم نئين اميد ۽ ترقي جو پيغام آهي، مزدور طبقي کان وٺي سيڙپڪار برادري سڀ ان مان فائدو کڻندا. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته فڪسڊ ٽي??س جو مطالبو تسليم ڪندي سيمنٽ ۽ اسٽيل انڊسٽري کانسواءِ سمورن تعميراتي شعبن تي ود هولڊنگ ٽيڪس ??تم ڪيو ويو، تعميراتي شعبي جي فعال ٿيڻ سان ٻين صنعتن کي نئين زندگي ملندي جنهن مان ه??رم??د ۽ غيره??رم??د پورهيت فائدو کڻندا، پئڪيج ملڪ جي تعمير، عوام جي خوشحالي ۽ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ ۾ سنگ ميل ثابت ٿيندو.