اسلام آباد – پهرين جون (اي پي پي) وزيراعظم عم??ان خان ڪراچي ۾ پاڻي ۽ بنيادي ڍانچي جي منصوبن کي جلد مڪمل ڪرڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته سنڌ ۽ خاص طور تي ڪراچي جي عوام کي درپيش مسئلن جو مڪمل ادراڪ آهي، صوبي جي عوام کي اڪيلو نه ڇڏينداسين. اهڙن خيالن جو ??ظهار هن منصوبابندي واري وفاقي وزير اسد عم?? ۽ سنڌ جي گورنر عم??ان اسماعيل سان ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم آفيس پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ ڪراچي پئڪيج جي حوالي سان اهم فيصلا ڪيا ويا ۽ سنڌ خاص طور تي ڪراچي ۾ تعمير ۽ ترقي جي وفاقي منصوبن ت?? اڳڀرائي جو ??ائزو ورتو ويو.