ملتان – 12 سي??ٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي سماجي تحفظ واري خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر چيو آهي ته عوام جو تحفظ ۽ غربت جو خاتمو موجوده حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي ۽ اربين روپين جي ماليت جو احساس ايمرجنسي ??يش پروگرام مستحق ماڻهن کي مالي امداد فراهم ڪرڻ جي لاءِ شروع ڪيو ويو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن علي ڳڙهه اسڪول ملتان ۾ قائم احساس ايمرجنسي ??يش پوائنٽ جي دوري جي موقعي تي ڪيو، ثانيه نشتر ٻڌايو ته احساس ايمرجنسي ??يش پروگرام جو پهريون مرحلو 15 سي??ٽمبر تي مڪمل ٿي ويندو، هن چيو ته اهي ماڻهو جيڪي ان پروگرام ۾ رجسٽرڊ ٿيڻ جي باجود بائيوميٽرڪ تصديق نه ٿيڻ سبب امداد جي رقم وصول نه ڪري سگهيا انهن کي لاڳاپيل بئنڪ برانچن کان 30 سي??ٽمبر تائين رابطو ڪرڻ گهرجي ته جئين اهي پنهنجي رقم حاصل ڪري سگهن، هن ٻڌايو ته جيڪڏهن ڪو رجسٽريشن ڪرائڻ کا??پو??ِ لاڏاڻو ڪري چڪو آهي ته ان جي وارثن کي ان جي فوتگي جو سرٽيفڪيٽ لاڳاپيل يونين ڪائونسل مان حاصل ڪري نادرا وٽ رجسٽر ڪرائڻ گهرجي ۽ پوءِ اها رجسٽريشن احساس پروگرام جي آفيس کي 30 سي??ٽمبر تائين موڪلي وڃي.