اسلام آباد – 07 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان نوجوانن کي هنر جي فراهمي جي ضرورت تي زو?? ڏيندي چيو آهي ته حڪومت پاڪستان کي پاڻڀرو ملڪ ۽ مستقبل جي عالمي قوت بڻائڻ جي خواهش??ند آهي. هو نيشنل ڊفينس يونيورسٽي ۾ آءِ سي ٽي جي شعبي بابت قومي سيمينار جي آخري سيشن جي صدارت ڪري رهيو هو. چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي وارو وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، سنڌ جو گورنر عمران اسماعيل، نيشنل ڊفينس يونيورسٽي جو پريزيڊنٽ ليفٽينٽ جنرل محمد سعيد پڻ سيمينا?? ۾ ??وجود هئا. سيمينا?? ۾ ??ومي ۽ عالمي آءِ سي ٽي ماهرن، صنعتي شعبن جي نمائندن ۽ سينيئر فوجي ۽ سول آفيسرن ??رڪت ڪئي.