اسلام آباد – 23 نومبر (اي پي پي) تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري وفاقي وزير شفقت محمود چيو آهي ته ملڪ ۾ وڌندڙ ڪورو??ا ڪيسز کي نظر ۾ رکندي تعليمي ادارا 26 نومبر کان 24 ڊسمبر تائين بند رهندا، جڏهن ته 25 ڊسمبر کان 10 جنوريءَ تائين سياري جو?? موڪلون ٿينديون. اهڙي ريت ڪي به تعليمي امتحان جيڪي رٿيل هئا، نه ٿيندا. جڏهن ته ووڪيشنل سينٽرز کليل رهندا ۽ انٽري ٽيسٽ ۽ نوڪرين لاءِ امتحانن جي اجازت هوندي، يونيورسٽيون ۽ سمورا تعليمي ادارا آن لائين تعليم ڏيندا. يونيورسٽين جي هاسٽلز ۾ هڪ ڀاڱي ٽي سيڪڙو شاگردن کي رهڻ جي اجازت هوندي. اهڙو فيصلو تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود جي صدارت ۾ تعلمي وارن صوبائي وزيرن جي اين سي او سي ۾ ٿيل اجلا?? ۾ ??يو ويو. اجلاس کان پوءِ وزيراعظم جي قومي صحت بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فيصل سلطان سان گڏ شفقت محمود تفصيلن کان آگاهه ڪيو.