معذور ماڻهن لاءِ معاون ٽيڪنالاجي کي عالمي پذيرائي ملي رهي آهي: صدر

image
APP71-171220 ISLAMABAD: December 17 - President Dr. Arif Alvi being briefed by WHO representatives regarding Assistive Technology for Persons with Disabilities at Aiwan-e-Sadr. APP

اسلام آباد – 17 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته معذور ماڻهن لاءِ معاون ٽيڪنالاجي کي عالمي ۽ علائقائي سطح تي پذيرائي ملي رهي آهي، خصوصي ماڻهن جي معاون ٽيڪنالاجي تائين پهچ ۾ بهتري آڻڻ ۽ مالي ۽ معاشرتي طور تي قومي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ معذور ماڻهن جي لاءِ معاون ٽيڪنالاجي تي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ صحت جي عالمي اداري جي نمائندي ڊاڪٽر پليٿاماهي پالا ۽ پاڪستان بيت المال جي ايم ڊي عون عباس بپي شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ صحت جي عالمي اداري ۽ وفاقي صحت واري وزارت جا اعليٰ عملدار پڻ شريڪ ٿيا.

مضمون کا ماخذ : سشی ایکسپریس